شرمين عبيد چنائي جي ”هوم 1947“ سلسلي جي پنجين فلم ”خاموش يادين“ جاري

اسلام آباد : فلمساز شرمين عبيد چنائي جي ”هوم 1947“ سلسلي جي پنجين فلم ”خاموش يادين“ جاري ڪئي وئي آهي. شرمين عبيد جيڪا پنهنجي مختصر فلمن ۾ معاشري جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪندي رهندي آهي، تازو ئي ”هوم 1947“ جي نالي سان نئين سيريز شروع ڪئي آهي ۽ هاڻي هن ان سلسلي جي پنجين فلم ”خاموش يادين“ جاري ڪئي آهي، جنهن جو موضوع عورتن جي زندگي جي حوالي سان آهي.