شاگردياڻي اقرا شيخ کي مبينا طور هراسان ڪندڙ پوائنٽ بس ڊرائيور جي گرفتاري کان اڳ ئي ضمانت منظور

ڄامشورو : سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي مبينا طور هراسان ڪندڙ پوائنٽ بس ڊرائيور گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ورتي. ڊرائيور ڪوٽڙي جي عدالت پهچي ضمانت جي درخواست ڏني، عدالت 20 هزارن رپين جي مچلڪن عيوض درخواست منظور ڪري ورتي، جنهن بعد ڊرائيور جي وڪيل سجاد علي جلباڻي پوليس اسٽيشن ڄامشورو پهچي ضمانت جي ڪاپي جمع ڪرائي، ان حوالي سان ايس ايڇ او ڄامشورو ڳالهائيندي چيو ته جوابدار اختر پٺاڻ جي وڪيل ضمانت جي ڪاپي جمع ڪرائي آهي، هن وقت تائين جوابدار توڙي شاگردياڻي بيان رڪارڊ ناهي ڪرايو. بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد ئي جاچ اڳتي وڌي سگهندي. الزام هيٺ آيل ڊرائيور اختر پٺاڻ جي ڀاءُ ببلو پٺاڻ ٻڌايو ته اختر جي طبيعت خراب آهي، جنهن سبب هن بيان رڪارڊ ناهي ڪرايو، جلد رڪارڊ ڪرائيندو. گذريل ڏينهن شاگردياڻي اقرا شيخ الزام هنيو هو ته ڄاڻايل ڊرائيور ڪافي عرصي کان گهر کان يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي کان گهر ايندي کيس هراسان ڪندو رهيو آهي، يونيورسٽي انتظاميه کي شڪايت ڪرڻ باوجود ڪو به ازالو نه ٿيو.