non creative writing definition creative writing etgar keret cheapest essay writing service cover letter ey / a written essay creative writing studies conference price hike research paper how to find someone to do my homework can you pay someone to write your essay jobs for masters in creative writing what did you learn about creative writing do your homework regularly creative writing about hiding something

شاهه لطيف جي شاعري ۾ کاهوڙين جي عظمت جو اظهار : ليک : نواز خان زئور

هر شاعر پنهنجي دؤر سان مخاطب ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري اهو پنهنجي دؤر جو شاعر هوندو آهي. پر هر وڏو شاعر پنهنجي دؤر کان مٿي اٿي حال جي تاڃيءَ تي ماضيءَ ۽ مستقبل جون تندون پاڻ ۾ ملائي ڇڏيندو آهي. تنهنڪري اهو هر دؤر جو شاعر هوندو آهي. وڏي شاعر جي هڪ ٻيءَ وڏي خوبي هيءَ هوندي آهي ته هو پنهنجي شاعري ۾ دائمي قدرن جو نمائندو هوندو آهي. دنيا جي دائمي ۽ آفاقي قدرن مان انسان جي عظمت پڻ هڪ تمام وڏو قدر آهي. انهيءَ ۾ به وري کاهوڙي، جاکوڙي، هاري، پورهيت، مظلوم ۽ دنيا جي وهنوار کي ٻيئي ٻانهون ڏيندڙ ماڻهو سڀ کان وڏي پد، درجي ۽ مرتبي جا مالڪ هوندا آهن. ڇاڪاڻ جو ڌرتيءَ جو هيءَ شاندار گولو، عظيم ترڪ شاعر ناظم حڪمت جي شاهڪار نظم مصداق، ڪنهن ڍڳي جي سنڱ تي نه پر ڪاپو ڪندڙ پورهيت ۽ کاهوڙي هٿن تي بيٺل آهي. اها لڳ ڳالهه آهي ته انساني سماج جي ارتقا ۽ ترقيءَ ۾ ڍڳي جو وڏو ڪردار رهيو آهي. ڍڳو، هارين جا کاهوڙي هٿ ۽ ڦيٿو پاڻ ۾ سلهاڙيل رهيا آهن. اسان موهن جي دڙي جي ماڻهن لاءِ ڍڳو محنت، پورهيي، خوشحالي، طاقت ۽ ذرخيزيءَ جو مقدس اهڃاڻ رهيو آهي.
پورهيو، کاهوڙ ۽ جستجو دنيا کي بدلائي ٿي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي انهيءَ حقيقت کان بخوبيءَ آگاهه هو، تنهنڪري هن پورهيتن، هارين نارين، ڪمين ڪاسبين، کاهوڙين، جاکوڙين، جوڳين، سامين، سنياسين، ڪاپڙين، عوام دوست ويڙهاڪن، ظلم خلاف آواز اٿاريندڙ صوفين، اهل دل حڪمرانن، انسان دوست ڪردارن، عاليشان عورتن ۽ محب وطن سورمن کي پنهنجي شاعري ۾ کليل دل سان جڳهه ڏني. ڀٽائي جي هڪ زبردست خوبيءَ هيءَ آهي ته هن جنهن کي به ڳايو، ڪمال سان ڳايو. هن ڪنهن به شئي کي بي دليءَ، بيزاريءَ ۽ محض ميار لاهڻ واري انداز ۾ نه ورتو. هن هر شئي سان شديد گهرو وهنوار رکيو. جيڪا به شئي سندس قلم جي نب تي چڙهي، والهاڻي انداز ۾ ئي چڙهي. هن شين توڙي ماڻهن کي عاشقاڻي نگاهه، ڌڙڪندڙ دل ۽ امنگن سان سرشار سجاڳ ذهن سان ڏٺو. انهيءَ ڪري ئي سندس ڪوتا جي آڏاڻي جو ڪوبه رنگ ڪسو ۽ ڪچو ڪونهي ۽ سندس اڻت ۾ ڪابه وٿي. وِڏ، ڳنڍ ۽ بدزيبيءَ ڪانهي. سندس شاعري جو نفيس ريشم هر لحاظ سان اکين کي آئڙندڙ ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو آهي.
ڀٽائي سائين پنهنجي حياتي جو ڳپل حصو سيرن سفرن، ميل ملاقاتن ۽ قرب ڪچهرين ۾ گذاريو. جنهن سان کيس مختلف مڪتب فڪرن ۽ پيشن سان واڳيل ماڻهن جي زندگين، ڌنڌي ڌاڙين، ڪمن ڪارن، جاکوڙن ۽ فڪر فلسفي کي تمام ويجھڙائي کان ڏسڻ جا زبردست موقعا مليا. انهن ماڻهن ۾ کاهوڙي پڻ شامل هئا. هو کاهوڙين سان راتين جون راتيون گڏ رهيو، ساڻن سير سپاٽا ڪيائين، پيادل هليو، دونهيون دکايائين ۽ سندن ڪرت جو گهرو مشاهدو ماڻيائين. هو کانئن تمام گھڻو متاثر ٿيو ۽ کين پنهنجي شاعري جي پاند پناهه ۾ آڻي امر ڪري ڇڏيائين. جيتوڻيڪ لطيف پنهنجي شاعري ۾ کاهوڙي لفظ جو سڌو سنئون استعمال ٿورن بيتن ۾ ئي ڪيو آهي، پر هن کاهوڙي ۽ رامڪلي جي نالي سان مٿن سڄا سارا ٻه سُر لکيا آهن. انهن کانسواءِ به هن ٻين جاين تي پڻ کاهوڙين کي حوالي طور تشبيهيو آهي. هن جتي به کاهوڙين جو ذڪر ڪيو آهي، تمام وڏي محبت، جذبي جي شدت ۽ فڪري گهرائي سان ڪيو آهي.
شاهه لطيف جي نظر ۾کاهوڙي مسلسل جدوجهد جي علامت آهي. اهو ڪنهن به صورت ۾ صبر، جاکوڙ ۽ جُنبيِ جدوجهد ڪرڻ تان هٿ نه ٿو کڻي. حالتون ڪيڏيون به ڏکيون هجن، سمر ڀل ته اڻپورو هجي، ڏيل ڀل ته ڏکن ڏَڌل ۽ ڏٻرو هجي ۽ نيڻ ڀل ڇونه ٽمندا هجن، پر پوءِ به هو پنهنجي سڳر ساٿ ۾ رڙهندا رمندا ٿا هلن ۽ سفر کي اڌ ۾ نه ٿا ڇڏين. ڏک هجن يا سک ۽ آسانيون هجن ڪِ مشڪلاتون، ڪابه شئي کين پنهنجن آدرشن جي رستي تان هٽائي نه ٿي سگھي. هو هر حال ۽ انداز ۾ پنهنجي راهه تي سدائين رمندا وڌندا ٿا رهن.
سُڪا سَنڊَ ڪَڇنُ ۾، کَرِڪَڻا پيرين،
ٽِمندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙيِ گَڏِيا!؟
ڏوٿين، سنياسين ۽ کاهوڙين جو رستو انهن ماڳن تي وڃيو نڪري، جتي جانُ کپت هجي ٿي. هيءَ اهڙي جوُءِ آهي، جيڪا هنن ڪنان اڳ ۾ نه ڪنهن سُئي نه ٻڌي آهي. هڪ نرالي ۽ نئين نڪور وسنديءَ، جنهن جا پيچرا ۽ ماڳ مڪان اڳ ۾ ووڙيل، لتاڙيل ۽ ڏٺل نه آهن. هو انهن منزلن جا ڳولائو آهن، جتي سمورا پنڌ اچيِ کُٽن ٿا. پٿرن، پهڻن ۽ پهاڙن کي لتاڙيندي هو هن نئين دنيا ڏانهن پنڌ پون ٿا. هنن کي جنهن هنر، وِڄا، مهارت، علم ۽ ماڳ جي ڳولا آهي، اهو سڀني حدن کان پرانهون آهي. هو ڪائنات جون ڪنڊون لتاڙي لاحد ۾ لوچين ٿا ۽ معنائن، مقصدن، علم ۽ آگاهيءَ جون نيون منزلون دريافت ڪري موٽن ٿا.
ڏوٿيِ سا ڏوريِنِ، جا جوُءِ سُئيِ، نه ٻُڌيِ،
پاسا مَٿي پاهَڻين، کاهوڙيِ کوڙيِنِ،
وِڄا اُتِ ووڙيِنِ، جِتِ نهايَتَ ناهِه ڪا.
ٿي سگھي ٿو ته ڪي دوست ڀٽائي جي کاهوڙيءَ کي نٽشي جي سپرمئن سان تشبيهه ڏيڻ يا ڀيٽڻ گھرندا هجن، پر حقيقت هيءَ آهي ته انهن ٻنهي تصورن ۾ هڪجهڙائي نه آهي. نٽشي جو سپرمئن جارح آهي، اڳرائي پسند ۽ تشدد پسند آهي. اهو عام انسانن تي بالادستي جو گھورو آهي. ان جي ابتڙ ڀٽائي جو کاهوڙي نرم مزاج، عام ماڻهن جو هڏڏوکي ۽ انسان دوست آهي. اهو ڪُل جيوت ۽ زندگيءَ جو دوست آهي. ان جي ڳولا ۽ جستجو علم، سائنس، فطرت ۽ ڪائناتي رازن کي سمجھڻ ۽ هڪڙو مثالي انساني سماج اڏڻ لاءِ آهي. اهو بذاتِ خود پاڻ بالادست ٿي ماڻهن مٿان مڙهجڻ نه ٿو گھري. اهو انسانن جي وچ ۾ تفريق بدران برابري ۽ آزادين جو قائل آهي. اهو هڪ انقلابي آهي، اهو هڪ سائنسدان آهي. اهو ماديت ۽ روحانيت جو اهڙو ميلاپ آهي، جيڪو انساني سماج کي مثالي بڻائڻ لاءِ پاڻ پڻيءَ ڪري ڇڏي ٿو.
کاهوڙِينِ کَڻيِ، ساجھر ٻَڌا سَندرا،
ڏوريِندي ۾ ڏوُنگرين، ڪيائون پاڻُ پَڻيِ،
ڏُکن ڏيِلُ هَڻيِ، ڇيهُه لَڌائُون ڇَپرين.
پکين جون اڏارون آزادي ۽ لامحدوديت جو اهڃاڻ آهن. آڪاس جي وسعتن ۾ اڏامندي پکيئڙا جنهن تجربي سان همڪنار ٿين ٿا، ان جو تصور انساني تخيل کي هميشا نيون امنگون ۽ مهميزون ڏئي ٿو. شاعرن، ديداوَرن ۽ آزادي جي قدر قيمت کان آگاهه ماڻهن لاءِ آسماني وسعتن ۾ عجيب ڪشش هجي ٿي. کاهوڙي پڻ پکين وانگر ڪائنات جون ڪُلئي ڪنڊون ووڙيندا وتندا آهن. هنن جي جدوجهدن ۽ ڪاوشن جو جهان ايڏو وڏو ۽ وسيع هوندو آهي، جو لطيف سائينءَ کاهوڙين جي کيرَن کي پکين کان به اڳتي تصور ڪري ٿو. جتي کاهوڙي پڄن ٿا، اتي پکي به پر نه ٿا هڻي سگھن. کاهوڙين جي اڏام ۽ رسائيءَ پکين کان به پرانهين آهي.
جِتِ نه پَکيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙي،
ٻِيو ٻاريندو ڪيرُ، کاهوڙِڪيءَ کيرَ رَي!؟
پکيءَ سوُجھي، فهم ۽ ادراڪ جي انهيءَ اعلا منزل تي نه ٿا رسي سگھن، جيڪا کاهوڙين جي حصي ۾ اچي ٿي. اهو ماڳ مخصوص ئي کاهوڙين لاءِ آهي. ٻئي ڪنهن جي مجال ناهي، جو انهيءَ ماٿري ۽ وسنديءَ جا وڻ لوڏي سگھي. اهو رڳو کاهوڙي ئي ڪري سگھن ٿا. هر منزل هر ماڻهوءَ لاءِ نه هوندي آهي. ڪي منزلون بنهه خاص هونديون آهن ۽ انهن تائين رسائي به ڪن مخصوص نوعيت جي ماڻهن جي ئي ٿي سگھندي آهي. بلڪل اهڙي طرح انهيءَ ڳالهه کي ڳائڻ ۽ ڳرهڻ لاءِ شاعر به مخصوص درجي جا کپن. اهڙا شاعر، جن جو تخيل مٽيءَ تان اٿي، خلائن جون سرحدون اڪري، ڪائناتن جي اپار وسعتن ۾ گھوري سگھي، ۽ جيڪي عدم جي اونداهي ۾ الوپ ٿي ويل ستارن کي نگاهن جي اُڀ تي آڻي چمڪائي سگھن.
ڏيهُه ڏيهائيِ ناههِ، جِتي پيرُ نه پَکِيان،
تِتي کاهوڙيان، وَرَ ڏيئي وڻَ چوُنڊِيا!
اها هرکر، هلچل، ووڙ، ولوڙ ۽ ڏونگر ڏورڻ کاهوڙين جي خاص خوبي، خاصيت ۽ سڃاڻپ آهي. انهيءَ اعلا ڳُڻ جي ڪري اهي مسلسل جدوجهد ۽ زندگيءَ جو اڻمٽ اهڃاڻ ٿي پيا آهن. جنهن اهڃاڻ کي ڀٽائي پنهنجي فن جو رنگ ڏيئي عظمت ۽ امرتا جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو آهي.
ڏوري ڏوري ڏيهَه، ماءِ! کاهوڙي آئِيا،
مَيَن پيرين کيهَه، ڪُهُه ڄاڻان ڪِنهُن پارَ جي!؟
بيشڪ سنڌ کي اڄ اهڙن املهه ماڻڪ، اڻٿڪ ۽ اڻوِرچ کاهوڙين جي ضرورت آهي، جيڪي پنهنجي سوچ ۽ لوچ سان زندگيءَ جي سمورن ميدانن ۾ ڪارائتا ۽ عملي نتيجا پيدا ڪري سگھن.
nkzaor@yahoo.com