شاهه رخ خان ۽ گوري ذاتي آفيس قرنطينه سينٽر لاءِ ڏئي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪار شاهه رخ خان ۽ ان جي زال گوري ڪورونا وائرس جي خلاف جنگ ۾ پنهنجو حصو وجهندي ذاتي آفيس قرنطينه سينٽر جي لاءِ ڏئي ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب بريهن ممبئي ميونسپل ڪارپوريشن(بي ايم سي) پنهنجي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تان شاهه رخ خان ۽ گوري خان جي انسانيت جي لاءِ هن بهترين قدم تي سندن ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته شاهه رخ خان ۽ ان جي زال طرفان 4 منزله عمارت کي ٻارن، عورتن ۽ پوڙهن ماڻهن جي لاءِ قرنطينه سينٽر جي طور تي استعمال ڪرڻ جي اجازت تي سندن ٿورائتا آهيون. جنهن کان پوءِ ٽوئٽر  تي بيش ٽيگ ايس آر جي آفيس فارفونٽائن ٽرينڊ ڪرڻ لڳو ۽ صارفين طرفان  به شاهه رخ خان ۽ سندس زال جي ان عمل جي تعريف ڪئي پئي وڃي. ان کان اڳ بالي ووڊ اسٽار سلمان خان به ڀارت ۾ هلندڙ 21 ڏينهن واري لاڪ ڊائون دوران فلم انڊسٽري ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ 25 هزار ملازمن جي مدد جو اعلان ڪيو هو.