سچل جو موضوع عشق آهي

سچل سرمست سنڌ جي ڪلاسيڪل دور جي ان عظيم روايت جنهن جا مهندار قاضي قازن، شاه ڪريم بلڙي وارو، شاه لطفاللاه قادري، مئين شاه عنات ۽ شاهعبداللطيف جهڙا وڏا شاعر شامل هئا، جي آخري اهم ترين شاعرن مان هو. سچل سرمست نه رڳو ڪلاسيڪي سنڌي، سرائيڪي، فارسي ۽ اردو شاعري جو تسلسل برقرار رکيو پر انهن ٻولين جي شاعرانه روايتن ۾ غير معمولي تخليقي، تخيلاتي ۽ فڪري واڌارا پڻ ڪيا. اهڙن خيالن جو اظهار نامياري اديب، نقاد ۽ ترقي پسند دانشور جامي چانڊيي سچل سائين جي 199هين عرس جي موقعي تي هڪ آن لائن ليڪچر ۾ ڪيو جنهن ۾ سڄي دنيا جي ڪيترن ملڪن مان موضوع ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. جامي چانڊيي پنهنجي تفصيلي ليڪچر ۾ چيو ته جتي شاه لطيف وحدتالوجودي فڪر کي جماليات ۽ فلسفيانه تفڪر سان عروج بخشيو اتي سچل بلهي شاه ۽ باهووانگر ان ۾ رندانه مستي ۽ سرمستي اوتي ان ۾ مزاحمتي سگه پيدا ڪئي. هن چيو ته سچل انهن فڪري ۽ وجداني واڌارن سان گڏ اسلوب، موضوع، لسانياتي وسعت ۽ صنفن ۾ به شاعري کي نوان ميدان فراهم ڪيا. هن چيو ته سچل جو به بنيادي موضوع عشق آهي پر ان هن وجودي سوال کي بنيادي اهميت ڏني آهي ۽ خدا، انسان ۽ ڪائنات جي وجودي سوالن کي هڪ تخيلاتي امتزج ۾ هڪ ڪري پنهنجي وحدت الوجودي فڪر کي سرمستي ۽ جرعت سان واضع ڪيو آهي. هن چيو ته سچل جي شاعري ۾ ملائيت جي مزاحمت انڪري به مٿاهين درجي تي نظر اچي ٿي جو سنڌ ۾ سمن جي زوال کان پو سخت مذهبي تنگ نظري پيدا ڪئي وئي هئي ۽ ننڍي کنڊ ۾ اورنگزيب پڻ مذهبي فاشزم پيدا ڪيو هو ۽ سرمد توڙي پنهنجي صوفي ڀاء داراشڪوه کي وحدت الوجودي فڪر سبب قتل ڪرايو هو. ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دورن ۾ به مذهبي تفريق موجود هئي جنهن جي سچل پنهنجي شاعري ۾ کليل مزاحمت ڪئي هئي. جامي چانڊيي چيو ته ڪلاسيڪل شاعري کي عقيده پرست روين مان ڪڍي فلسفيانه ۽ جمالياتي توڙي فني حوالن سان تاريخي شعور جي روشني ۾ ڏسڻ، پرکڻ ۽ متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي.