سچل جون ساھيڙيون ! (اعجاز منگي)

شيخ اياز جو فڪري فرمان آ

آءُ درازا ھل

تنھنجا سارا مولوي

منھنجو ھڪ سچل”

ھي سنڌ جون نياڻيون

ھي ڀٽائيءَ جون ڀائٽيون

ھي ڀٽائيءَ جون ڀاڻيجيون

سچل جون ساھيڙيون آھن

ھي جيڪي سرمستن وانگر

پيرن ۾ پيل ٽٽل زنجير گھليندي

جيڪا آزادي مارچ ڪري رھيون آھن

ان جي لاءِ ئي تھ لطيف لکيو ھو:

“جڏھن ناز منجھان نڪري

منھنجو پرين ڪري ٿو پنڌ

ڀونءِ پڻ بسم اللھ چئي

راھھ چمي ٿي رند”

سنڌ جي ڌرتي پنھنجين ڌيئن جا پير

ڪيتري پاٻوھھ سان چمندي؟

اھا ملن کي ڪھڙي خبر؟

ھي مايون ملنگ آھن

انڊلٺ جا ست ئي رنگ آھن

ھي مايون مست آھن

سرمست جون سنگتاڻيون آھن

ھي بنھھ چريون ۽ صفا سياڻيون آھن

انھن جا رستا روڪي سگھندا

ھي سماج جا ٿڏا ۽ ٿاٻا

ھي ڪجھھ نھ ڪري سگھندا

اوھان پنھنجيون پوتيون پرچم بڻايو

اھا انقلابي گيت ڳايو

ھي شاديءَ جو شور آ

اوھان رقص ڪندي راھن تي وڌو

اي منھجيون اديون

اي منھنجون ڌيئون

اڳتي وڌو

ڌمڪين ۾ نھ اچو

ھيءَ ڌرتي اوھان جي آ

اوھان ھن ڌرتيءَ تي ھلو

ائين

جيئن

خزان کان پوءِ بھار جي مند ھلندي آ

اوھان ھلو ۽ کلو

۽ ايئن کلو

جيئن بسنت جي رت ۾

گلاب جي ٻوٽي ۾

ھڪ ڪلي کلندي

۽ سنڌ سان ايئن ملو

جيئن مسافر منزل سان ملندو آھي

اي سنڌ جون سرخ سوڍيون

اوھان اڳتي وڌو

اوھان وٽ وڃائڻ لاءِ

زنگ آلود زنجيرن کان سواءِ

ٻيو ڪجھھ ناھي!!

اڳتي وڌو

فتح اوھان جا پير چمڻ لاءِ

آتي آھي!!