سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ هڪ لک کان ٽپي ويو

بيجنگ: سڄي دنيا ۾ نئين نوول وائرس جي مريضن جو انگ هڪ لک کان ٽپي ويو آهي پر چين ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ تمام گهٽ حد تائين رهجي ويو آهي. جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ اهو تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. چين جي شهر ووهان مان اهو نئون ڪورونا وائرس ڊسمبر 2019ع تائين پکڙجڻ شروع ٿي ويو هو ۽ هاڻ ڪيترن ئي ملڪن تائين پهچي ويو آهي، جنهن سان مجموعي طور تي هڪ لک 347 ماڻهو متاثر جڏهن ته 3405 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. چين ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ان وائرس سان ٿيندڙ بيماري ڪووڊ 19 جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 3045 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته سٺي خبر اها آهي ته چين ۾ هن وقت تائين لڳ ڀڳ ٽيون حصو ماڻهن جو يعني 53 هزار 726 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 23 هزار 676 ماڻهو ايستائين انفڪيشن سان متاثر آهن. چين کانپوءِ ٻيون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ ڏکڻ ڪوريا آهن، جتي 6 هزار 593 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته مري ويلن جو انگ 42 ۽ 135 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.  ٽيون وڏو ملڪ ايران آهي جتي 4747 تصديق ٿيل ڪيس، 124 فوتگيون ۽ 913 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن. اٽلي 3858 مريضن سان گڏ چوٿون وڏو ملڪ آهي، جتي فوتين جي تعداد 148 ۽ صحتياب مريضن جو انگ 414 آهي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 6 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته هڪ مريض صحتياب ٿي ويو آهي، جنهن جي تصديق جمعي تي ڪئي وئي. مجموعي طور تي هڪ لک کان وڌيڪ ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي پر سڄي دنيا ۾ ايستائين 55 هزار ماڻهو ريڪور به ٿي چڪا آهن، يعني 55 سيڪڙو مريض وائرس مان جان ڇڏائي چڪا آهن. چين ۾ مجموعي طور تي 80 هزار 710 ڪيس، جڏهن ته باقي ملڪن ۾ 19 هزار 700 ڪيسن جي تصديق ٿي، جڏهن ته فوتگين جو انگ 360 رهيو.