سپريم ڪورٽ هندو جئمخاني جي عمارت ۾ ناپا کي جاءِ ڏيڻ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري ۽ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو

ڪراچي : سپريم ڪورٽ هندو جئمخاني جي عمارت ۾ ناپا کي جاءِ ڏيڻ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري ۽ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ هندو جيم خاني جي عمارت ۾ ناپا کي جاءِ ڏيڻ خلاف درخوست جي ٻڌڻي ٿي. درخواست ۾ چيو ويو  ته آثار قديما جي عمارت ۾ اڏاوت ممڪن ناهي، جيمخانو هندو برادري جي ڀلائي لاءِ قائم ڪيو ويو هو. عدالت آثار قديما جي عمارتن ۾ وڌيڪ اڏاوتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته سنڌ سرڪار سنڌ اسيمبلي جي عمارت ۾ ٻئي اسيمبلي ڪيئن قائم ڪئي آهي؟ خبر ناهي ڇا ته سنڌ اسيمبلي جي عمارت پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ جي آهي. جسٽس سجاد علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته نئين سنڌ اسيمبلي جي عمارت جا به پنهنجا قصا آهن، خبر آهي ته پرڏيهه مان ٽائل ۽ باٿ روم جا نل ڪير خريد ڪرڻ ويو، آخر ڪهڙو خطرو هو جو اسيمبلي جون اونچيون اونچيون ڀتيون قائم ڪيون ويون، قومي اسيمبلي ۽ باقي ٽن اسيمبلين جون ڪي به ڀتيون نه آهن. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به ڪا ڀت نه ٺاهي آهي، هي اسيمبليون عوامي هنڌ آهن جتي ماڻهو سير ۽ تفريح لاءِ اچي سگهن ٿا. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته پراڻي سنڌ اسيمبلي جي پويان نئين عمارت ڪيئن قائم ڪئي وئي. ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته اسيمبلي ميمبرن جي انگ ۾ اضافي سبب نئين عمارت ٺاهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته اڇا ته پوءِ نيب جي نئين عمارت ڇو نه ٺاهي وئي؟ عدالت چيو ته ڪنهن جي گهر ۾ گهڙي ڪجهه به ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته ناپا جي عمارت ڪڏهن نه ڪڏهن ڪيرائڻي پوندي، آثار قديما جي عمارت تي اڏات ڪيئن قائم ڪئي وئي، هڪ وقت ضرور ايندو جڏهن اها عمارت ڪيرائڻي پوندي.  سپريم ڪورٽ چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ڪلچر کي طلب ڪري ورتو.