سپريم ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ قبضن خلاف آپريشن جاري رکڻ جو حڪم، رفاحي پلاٽن تي قائم گهرن ۽ مارڪيٽن کي 15 ڏينهن بدران 45 ڏينهن اڳواٽ نوٽيس ڏنا وڃن: چيف جسٽس

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جناب ثاقب نثار ڪراچي ۾ قبضن جي خلاف آپريشن جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. اربع ڏينهن سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌرين طرفان اعليٰ عدالت جي حددخلين خلاف ڪارروائين بابت حڪم بابت نظرثاني واري پٽيشن جي ٻڌڻي دوران اهڙو حڪم ڏيندي چيف جسٽس هدايت ڏني ته رفاحي پلاٽن تي قائم ڪيل گهرن ۽ مارڪيٽن وارن کي 15 ڏينهن بدران 45 ڏينهن اڳواٽ نوٽيس ڏنا وڃن. چيف جسٽس چيو ته شهرين جي وسيع مفاد ۾ حددخلين خلاف ڪارروائيون جاري رهڻ کپن. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ قبضن بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ لارجر بينچ ڪئي ٻڌڻي دوران شهر مان قبضن جي خاتمي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ وفاقي، صوبائي ۽ شهري حڪومت قبضن جي خلاف آپريشن جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.