business plan essay help grade 1 creative writing prompts masters in creative writing online australia improving creative writing ks3 write my essay 4 me creative writing for infants woodland primary homework help ww2 how to say creative writing in french sunflower creative writing creative writing and content writing moon description creative writing how to start creative writing story

سٺي ۽ خراب سياست ۾ فرق:ليکڪ جڳديش آهوجا

  اڄ ڪلهه سڄي ملڪ ۾ سينيٽ جي چونڊ جو ڄؤٻول آهي ۽ هڪ هڪ ووٽ جو مُلهه ٻڌي مٿو چڪرائجي ٿو وڃي. ڳالهه هزارن ۽ لکن کان ٽپي ڪروڙن ۽ اربن تائين وڃي پهتي آهي. چون ٿا ته صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن کان ووٽ وٺڻ لاءِ في ميمبر 70 ڪروڙ جي ٻولي به لڳي آهي. پاڪستان ۾ چئني صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبليءَ جي سموري عزت ۽ تقدس کي پائمال ڪري انهن کي دنيا جي بدترين منڊين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ اسيمبلي ميمبرن يعني عوام جي چونڊيل نمائندن کي ويڪائو مال بڻايو ويو آهي ۽ ايئن بدترين سياست جو بهترين مثال قائم ڪيو ويو آهي ۽ گڏوگڏ ڪمال حرفت سان ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو وڌو پيو وڃي ته “ڏسو، سياست ڪيڏي خراب شيءَ آهي ۽ سياستدان ڪيڏا نه خراب ماڻهو آهن.”

ماڻهن کي سٺي ۽ خراب سياست جو فرق ڪرڻ نٿو سمجھايو وڃي، پر ماڻهن کي سياست کان بدظن ڪري پنهنجي سياست جون راهون هموار رکيون پيون وڃن. اصل حاڪمن جي اها چلت 1980ع جي ڏهاڪي کان اڄ تائين مسلسل جاري آهي ۽ هٽلر جي پروپئگنڊا وزير گوئبلز جي اها چوڻي سچ ثابت ٿي رهي آهي ته “ڪوڙ کي ايتراڀيرا ورجايو جو اهو سچ ڀاسجڻ لڳي.” سياست جي واڳ جنهن جي هٿ ۾ هوندي آهي اقتدار جي واڳ انهن جي هٿ چڙهندي آهي ۽ سماج جي ڀلي بري جا سڀ فيصلا سندن هٿن ۾ هوندا آهن، جيئن ته حاڪم ڪڏهن به نه چاهيندا آهن ته سياست ۽ خاص طور اقتداري سياست محڪومن جي هٿن ۾ اچي، ان ڪري چڱن ماڻهن کي، عوام جو ڀلو چاهيندڙ ماڻهن کي، نيڪ ماڻهن کي،سٺن ماڻهن کي، بااصول ماڻهن کي، عوام دوست ماڻهن کي سياست کان يعني عوام کان پري رکيو وڃي ان ڪري انتهائي خراب سياست تي خراب سياستدانن کي عوام جي چونڊيل نمائندن طور آڏو آڻي سڄي سياست جو گندو منظر پيش ڪيو ويندو آهي ته جيئن عوام سياست ۽ سياستدانن کي گھٽ وڌ ڳالهائي، “مسيحا جي تلاش” ۾ سندن ڏانهن واجھائي . اڄ سينيٽ جي چونڊن ۾ جيڪي خريد و فروخت جا منظر اسان کي نظر اچن ٿا تن جا بنياد انهن مسيحائن جا ئي وڌل آهن، جيڪي سياست ۽ سياستدانن کي عوام آڏو گندو ڪري پيش ڪن ٿا. 1988ع ۾ بينظير حڪومت خلاف جڏهن عدم اعتماد جي ووٽ جي ڪوشش ٿي ته اسان پهريون ڀيرو پارليامينٽ جي ميمبرن کي خريد ڪرڻ جون ڳالهيون ٻڌيون. ان دور ۾ نوازشريف ايئن ئي غير سياسي قوتن جو مُهرو بڻيل هيو جيئن اڄ عمران خان هنن جي هٿن ۾ رانديڪو بڻيل آهي. ان ئي بي اعتماديءَ جي ووٽ ۾ ڪروڙن ۽ بريف ڪيسن جون خبرون اخبارن جون زينت بڻبيون ۽ ان ئي دور ۾ آصف زرداريءَ جي سياست بينظير جي سياست تي حاوي پئجي وئي، جنهن پوءِ سنڌ ۾ هر طرح جي ڪرپشن جا دروازا کولي ڇڏيا. سياست مان اصولن ۽ آدرشن ته ڇا ماڻهپي ۽ عام رواجي اخلاقي قدرن کي به طلاق ڏني وئي ۽ مڪمل طور هر جائز ناجائز طريقي سان پئسو ۽ اختيار حاصل ڪرڻ جي سياست جو رواج پيو، جيڪوا ڄ پنهنجي اوج تي پهتو آهي پر اهو سدا قائم نه رهندو جو ارتقا جو قانون آهي ته هر اوج کان پوءِ زوال جو دور شروع ٿيندو آهي ۽ ارتقا جي ان چڪر کي ڪوئي روڪي نٿو سگھي. ڪوڙ کي ڀل هزار ڀيرا دهرائي اڄ جو سچ بڻائي پيش ڪيو پر سچ جو سج به هر بار اڀري ڪوڙ جا سڀ ڪوٽ ڪيرائي ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن ڪوڙ ايئن نکري نمايان ٿي بيهندو آهي جيئن اڄ جي سياست غير سياسي قوتن جي گرفت ۾ ڦاسي گندي ٿي وئي آهي ۽ پنهنجي پوري گندگيءَ سان سڀن آڏو ننگو ناچ نچي رهي آهي ته عوام کي به اهو سمجھڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيندي آهي ته، “حمام ۾ سڀ نانگا آهن.” ڀلي اوهان فردن توڙي ادارن جا نالا کڻو نه کڻو، ڪوئي فرق نٿو پوي.

هاڻي ماڻهو سوچي ٿو ته مار، سياست ايڏي مهانگي  ٿي وئي آهي، هاڻي ڪو غريب جو ٻار ته ڇا چڱو ڀلو سيٺيو به اها سياست نٿو ڪري سگھي. هاڻي جي اها سياست ڪرڻي آهي ته ارب پتي ٿيو يا ڪنهن ارب پتيءَ جا ڪمدار ٿيو! ان طرح 99 سيڪڙو عوام کي سياست کان پري ۽ بدظن ڪيو پيو وڃي ته جيئن سياست ۽ حڪمرانيءَ جي واڳ سدائين پئسي ۽ اختيار جي مالڪن غير سياسي قوتن ۽ انهن جي سياسي مهرن جي هٿن ۾ رهي.

هيءَ سڄي حاڪمن ۽ ظالمن جي سياست آهي جڏهن ته مظلومن جي محڪومن جي سياست کي ڀت سان لڳايو ويو آهي. محڪومن جي سياست اصولن جي سياست هوندي آهي، اها عوامي ڀلي لاءِ هوندي آهي، بااخلاق ۽ باڪردار سياست هوندي آهي، جنهن کي سگھه بخشڻ، سگھارو ڪرڻ، نئين سر سياسي منظر تي اُڀاري اچڻ توهان اسان جو ڪم آهي، 99 سيڪڙو عوام جو ڪم آهي هن کي گندي سياست جي هن چڪرويو ۾ لاوارث ۽ ننڌڻڪو ڪيو ويو آهي. اڄ 96 سيڪڙو ماڻهو انتهائي بي وسيءَ سان ڏسي ۽ برداشت ڪري رهيا آهن ته ڪيئن هر روز ڪڻڪ، اٽو، کنڊ، چانور، تيل سميت هر شيءَ مهانگي ڪري عوام کي معاشي بدحاليءَ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي ۽ ٻئي طرف وري اميرن جا ڀانڊا، بئنڪ بئلنس ۽ مافيائي منافعي جا اگھه ايڏا ته وڌي ويا آهن جو هڪ هڪ سينيٽ جي سيٽ لاءِ ڪروڙن ۽ اربن جا واڪ ٿا لڳن يعني پاڪستان جي هڪ سيڪڙو اميرن وٽ، مافيائن وٽ ايترا پئسا آهن جو  فقط هڪ چونڊ تي اربين رپيا داءَ تي لڳائين ٿا ۽ توهان سمجھي سگھو ٿا جتي اربن جا داءَ لڳندا اتي کربن جا فائدا نظرن آڏو هوندا نه ته ايئن ته واپاري سودا ڪونه ٿا ڪن. ماڻهن کي ڏيڻ وقت هو ڏاڍا مجبور ۽ بي وس ٿيو وڃن، ڪو ٿو چوي ته وفاق نٿو ڏئي، ڪو ٿو چئي ته ارڙهين ترميم وفاق کي ڪنگلو ڪري ڇڏيو آهي، پر وقت اچڻ تي اربين رپين جي ماليت جون ٻليون سڀني جي ٿيلهن مان نڪري ٿيون اچن!!!

ڪاڏي وئي غربت، ڪاڏي ويو اختيارن کان محروميءَ جو راڳ، پنهنجي مفاد لاءِ هو ڪيڏا نه سياڻا، چالاڪ ۽ مڪار ٿي ٿا وڃن ۽ پوءِ جيڪو گوءِ هڻي ٿو ان جي وري واهه واهه ٿي ٿئي ته ڏسو ڪيئن ٻين کي ملهه واري ويو. هو عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي راند ۾ هڪ ٻئي سان ملهه به پيا وڙهندا آهن، هڪ ٻئي کي گاريون ۽ معيارون به پيا ڏيندا آهن ۽ هڪ ٻئي جي واهه واهه به پيا ڪندا آهن، سوديبازيءَ جي راند ۾ چون ٿا آصف وڏو شاطر آهي، زرداري سڀن تي ڀاري آهي، باقي جيڪي آصف زرداريءَ تي به ڀاري آهن، انهن جا نالا نه کڻو. اهي ته مسيحا آهن. اهو هوندو آهي فرق بادشاهن ۽ مهرن جو، خير بادشاهه به اقتداري سياست جا، مهرا به اقتداري سياست پر عوام ڪاڏي وڃي، عوام ڇا ڪري؟!

عوام جو ڪم اقتداري سياست جي گھاڻي ۾ پيسجڻ، جنڊ جي ٻن پڙن جي وچ ۾ پيسجي حاڪمن جي پيٽ جو کاڄ بڻجن، پر آخر ڪيستائين؟! جيستائين عوام حاڪمن جي، ظالمن جي، زر پرستن جي سياست کي سمجھي سندن سياست  جي بازيءَ کي نه پلٽيندو ته پيو پيسبو. آسمان تان فرشتا ته لهي ڪونه اچي مظلومن ۽ محڪومن جي مدد ڪندا. فرشتا ته سدائين حاڪمن جي ڪلهن تي براجمان هوندا آهن ۽ عوام لاءِ هو ندا آهن هو مولوين جا پيش ڪيل جنت جا منظر ۽ حورن جا آسرا. هن جهان ۾ ته حورون حاڪمن جي حرم سرائن جون ٻانهيون هونديون آهن باقي ٻئي جهان لاءِ هوندا آهن ٻي جهان جا آسرا. جنهن طرح مذهب کي مظلومن ۽ محڪومن کي غلام بڻائي رکڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي تنهن جا منظر ته اڄ پاڪستان سان گڏ هندستان ۾ به هر روز نظر پيا اچن. ڀلا اسان رڳو پاڻ کي ڏوهه ڇو ٿا ڏيون، اسان ته ٿياسين ئي پٺتي پيل سماج جا قيدي پر هي سڀ کان ترقي يافتا ملڪ آمريڪا جي آزاد ماڻهن جو ڇو اچي مٿو خراب ٿيو آهي جو ٽرمپ جھڙي مرد پرست، نسل پرست، ارب پتي فاشٽ کي 7 ڪروڙ ووٽرن يعني جھڙوڪر اڌ آمريڪا ووٽ ڏئي هڪ ڀيرو وري کٽائڻ جا جتن ڪيا. هي مهذب آمريڪا کي ڇا ٿي ويو آهي. هلو اسان جو ملڪ ته ٺهيو ئي مذهب جي نالي تي آهي پر هي هندستان جنهن تي ڪانگريس جھڙي سيڪيولر پارٽيءَ جو سدائين راڄ رهيو آهي تنهن جي عوام جي ڪهڙي مت ماري وئي آهي جو موديءَ جھڙو فاشسٽ، نسل پرست ۽ گجرات جي عوام جو قاتل هندستان جو چونڊيل حڪمران بڻجي ويو آهي. گھٽ ۾ گھٽ پاڪستان جي ته ڪنهن به قوم جي اڪثريت ايڏي موڙهيل مت جو مظاهرو نه ڪيو آهي. اسان تي ته اهڙا حڪمران ڏنڊي جي زور تي مڙهيا وياآهن ۽ هتان جي عوام ته انهن جي خلاف مزاحمت ڪئي آهي. پاڪستان ۾ مذهبي انتها پسندي بلڪه پاڳلپڻي کي رواج ۾ جنرل ضياءُ الحق آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ جيڪا عوامي مزاحمت جنرل ضياءُ الحق خلاف اُڀري اها جنرل ايوب خان کان جنرل مشرف تائين ڪنهن جي خلاف ناهي اڀري، پر پوءِ ٿيو ايئن ته عوامي سياست ڪندڙن به اقتدار ۾ اچڻ ۽ رهڻ جي “مجبوريءَ” ۾ ايڏيون ته مصلحتون، مفاهمتون ۽ منافقيون ڪيون آهن جو هاڻي چيو  ايئن پيو وڃي ته “زنده هي ڀٽو زنده هي” پر سچ اهو آهي ته ڀٽو مري ويو آهي پر جنرل ضياءُ الحق زنده آهي ۽ پوري آب و تاب سان راڄ ڪري رهيو آهي ۽ باقي سڀ سندس حمام ۾ ننگا ٿي پئسي جو ننگو ناچ نچي رهيا آهن ۽ مملڪت خداداد جو بول بالا ڪري رهيا آهن.

پر نه وسارڻ کپي ته اهي مصلحتون، اهي مفاهمتون، اهي منافقتون ارب پتين ۽ اقتدار جي بکين بي اصول گروهن ۽ مافيائن جون مجبوريون آهن، جيڪي اسان جي آباديءَ جو هڪ سيڪڙو به ناهن پر سياسي منظر تي ايئن ڇانيل آهن ڄڻڪ سڄو ملڪ اهڙو ٿي ويو هجي، هي عدالتن ۽ ميڊيا چينلن جا منظر به اسان کي اهوئي ڏيک ڏيکاري رهيا آهن ته سڀ اهڙا آهن پر اهو نٿا ٻڌائين ته اهي سڀ ملائي به اسان جي آباديءَ جو هڪ سيڪڙو به نه آهن، اصل ۾ اهي آهن جيڪي 99 سيڪڙو آهن ۽ انتهائي ڪرب ۽ تڪليف منجھان گذري رهيا آهن ۽ نجات جون واٽون ڳولي رهيا آهن ۽ اڄ نه سڀاڻي کين نجات جي واٽ ملي ئي ويندي