سيوا ڪر سمنڊ جي !: ليکڪ جڳديش آهوجا

سنڌو کنڊ جي قديم ترين ڪتاب رگ ويد جو راوي بيان ڪري ٿو ته:

“سنڌو!

جنهن تي ڪوئي سوڀ ماڻي نه سگھيو آهي،

جيڪا سڀ کان تيز رفتار آهي،

خوبصورت گھوڙي جيان.

تنهن جو نظارو پسڻ جھڙو آهي.

سنڌو !

جنهن پنهنجي شاهي سواريءَ سان،

گھوڙا جوٽي رکيا آهن!

سا هن ڊوڙ ۾ اسان کي

سوڀ سان همڪنار ڪرائي سگھي ٿي.”

پر افسوس! سنڌ جي ساهس ۾ رگ ويد جي راويءَ جھڙو ايمان وڃائي ويٺي آهي اسان جي سنڌ، اڄوڪي سنڌ وساري ويٺي آهي ته سونهن ۽ سرڪشيءَ جو رشتو اٽوٽ هوندو آهي، سونهن ۽ سرڪشيءَ جي اٽوٽ رشتي جون پاڙون پاتال ۾ هونديون آهن ۽ سنڌو جي سونهن ۽ سرڪشي اٽل آهي، ازلي و ابدي آهي. سنڌو، جنهن جي معنيٰ ئي آهي سمنڊ. هيءَ سمنڊ جھڙي وشال ندي تهذيبن جي ماءُ آهي، جنهن قديم انسان دوست تهذيب کي جنم ڏنو ۽ جيڪا پنهنجي ڪک ۾ نئين انسان دوست تهذيب کي جنم ڏئي رهي آهي، تنهن جي سگھه، سرڪشي ۽ سائي ڪک تي نظر نٿي پوي، اسان جي ويساهه وسوڙيل سنڌ جي. پرڏيهي غاصبن ۽ ڏيهي دلالن جي طويل حاڪميت ويساهه جو اهو بحران پيدا ڪري ورتو آهي جو ايمان وارن جو ايمان به مشڪوڪ ٿو نظر اچڻ لڳي. غلاميءَ جا ڳٽ ايڏا ته سگھا ۽ سوڙها ٿي ويا آهن جو “ساهه مٺ ۾” اچي ويو آهي ۽ هاڻي حالت اها آهي ته “آزادي تنهنجو نانءُ، ڳنهيم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو!” هاڻي سنڌڙيءَ جو نانءُ کڻڻ، سنڌ جو حلالي پٽ سڏائڻ سولو ٿي پيو آهي جو هتي ريٽ هلي پيو آهي ته سنڌ جا حلالي پٽ سڏايو ۽ پوءِ سنڌ جو سودو ڪيو. اڄ “سنڌ سان عشق” به منافعي بخش ڪاروبار بڻجي ويو آهي.سنڌ، جنهن جي  جنم داتا سنڌو ندي آهي تنهنجي ثنا رگ ويد جي راويءَ کان ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري ستل اياز تائين ايتري ته ڪئي آهي جو سنڌو جو سفر ڪندڙ سنڌوءَ جي عاشق ايلائيس البينيا، جنهن کي تبت  جو دروڪپا سو نامترنگ پنهنجائپ سان “ايلسي” سڏي ٿو، سا پنهنجي عشق جي سفر جو داستان لکندي چوي ٿي ته، “سنڌ جي صحرائن کان تبت جي پهاڙن تائين هاري ان نديءَ جي پوڄا ڪن ٿا ۽ شاعر ان جي ثنا خواني ۾ مصروف آهن. ايتري عبادت ۽ ثنا خواني ڪنهن به ديوتا يا سياستدان جي نٿي ڪئي وڃي جيتري سنڌوءَ جي ڪئي وڃي ٿي.”

سنڌوءَ جي تاريخ بيان ڪندي “سنڌوءَ جون سلطنتون” ۾ ايلسي لکي ٿي ته: “ارضيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪانگري رنپوچي (ڪيلاش پربت) انڊين ۽ يوريشين ارضي پليٽي جي ٽڪراءَ وقت ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ ڪري وجود ۾ آيو آهي. هتي ڏند ڪٿائون ۽ ارضيات جي ماهرن جون ڳالهيون هڪ ٻئي سان ميل کائين ٿيون جن جو چوڻ آهي ته درياهه ۽ هيءَ مقدس جبل، هماليه جي وجود ۾ اچڻ کان آڳاٽا آهن. هڪ ڳالهه يقيني آهي ته سنڌو ندي ٽي کان ساڍا چار ڪروڙ سال اڳ وجود ۾ اچي چڪي هئي. اها هن علائقي جي سڀ کان قديم ندي آهي. سمنڊ مان جيڪي ڪڪر اٿيا تن جبلن تي گڏ ٿي گليشيئر پيدا ڪيا. گرميءَ ۾ اهي گليشيئر ڳرڻ لڳا ۽ اولهه طرف وهڻ لڳا. اهڙيءَ طرح سنڌو ندي تبت کان عربي سمنڊ تائين پنهنجو رستو ٺاهيو ۽ اهڙيءَ طرح هڪ ڊيلٽا جنم ورتو. سنڌو ڊيلٽا، جيڪو انڊس ڊيلٽا جي نالي سان اڄ دنيا جي نقشي تي موجود آهي. سنڌو ڊيلٽا سنڌو ٽڪور سنڌو ۽ سمنڊ جي سنگم ۾ اهو علائقو آهي جتي سنڌو ندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ان جي ڪل ايراضي 41،440 چورس ڪلوميٽر (16 هزار چورس ميل) آهي.

سنڌو ٽِڪور گھڻو تڻو سنڌ ۾ آهي ۽ ان جو تمام ٿورو حصو انڊيا جي اولهه واري رياست گجرات جي ڪڇ واري علائقي ۾ آهي. جتي سرڪريڪ ۾ سرحدن جي واضح نشاندهي نه هجڻ سبب سنڌ ۽ هند جا مهاڻا سدائين سرحد پار ڪرڻ جي ڏوهه ۾ عذاب هيٺ اچي ويندا آهن ۽ ڪيترائي سالن جا سال بي گناهه هندستان ۽ پاڪستان جي جيلن ۾ پيا سڙندا آهن. اهي دشمنيون ۽ سرحدي جھيڙا آهن جيڪي وڏن انساني المين کي جنم ڏين ٿا جن تي ڪنهن جي ڪا اک نٿي ٻڏي، ڪنهن جي ڪن تي ڪا جونءِ نٿي سُري. بي حسيءَ جو هڪ جهان آهي جنهن تي موت جھڙي ماٺار ڇانيل آهي.

سنڌو ڊيلٽا، سنڌو ٽِڪور سڄي دنيا ۾ تَمر جي ٻيلن جو وڏو ۾ وڏو مرڪز رهيو آهي جيڪو سنڌوءَ کي ڊئمن ۽ آبپاشي منصوبن ڪري سمنڊ ۾مٺي پاڻيءَ جي ڇوڙ جي گھٽتائيءَ سبب 1833ع جي ڀيٽ ۾ اڄ 92 سيڪڙو گھٽجي ويو آهي جنهن ڪري 5 نومبر 2002ع تي انڊس ڊيلٽا کي رامسر سائيٽ قرار ڏئي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انڊس ڊيلٽا جي سامونڊي پٽي 240 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي جتي 6 لک هيڪٽرن تي تَمر جا ٻيلا آهن جيڪي ٽن الڳ اختيارين جي ضابطي ۾ آهن. 2،80،470 هيڪٽر سنڌ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ وٽ، 400،64 هيڪٽر پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ 2،55،130 هيڪٽر سنڌ بورڊ آف روينيو وٽ آهن. رامسر معاهدي تحت انڊس ڊيلٽا ۾ فقط اهڙا منصوبا جوڙي سگھجن ٿا جن سان تمر جي ٻيلن ۾ واڌ اچي. ان جي ابتڙ هاڻي وري اهڙا منصوبا جوڙيا پيا وڃن جن سان تمر جي ٻيلن جي ۽ ڊيلٽا جي ماحوليات جي اڃان وڌيڪ تباهي ٿيندي پر نفعي جي حوس جو ڇا واسطو قدرت ۽ انسانذات جي ڀلائيءَ سان. !

سنڌو ڊيلٽا جي وڏي تباهي ته ويهين صديءَ ۾ سنڌو درياهه تي ڊيمن اڏجڻ ۽ جديد آبپاشي جي منصوبن سبب آئي آهي  پر هاڻي نئين يلغار بين الاقوامي سرمائيڪاريءَ جي ٿي رهي آهي. سنڌو ڊيلٽا ۾ بين الاقوامي يلغارن جي به هڪ تاريخ آهي. 325 ق م ۾ سڪندر مقدونيءَ جو سامونڊي ٻيڙو به اچي سنڌو ڊيلٽا ۾ لنگر انداز ٿيو هو جيڪو مڪران ڪوسٽ ۾ آيل زلزلي ۽ سوناميءَ سبب تباهه ٿيو هو. 710ع ۾ وري عرب فوجون به سمنڊ ذريعي منجنيقون کڻي اچي انڊس ڊيلٽا ۾ واقع ديبل بندر تي حملي آور ٿيون هيون جنهن سنڌ جي تاريخ جا رخ موڙي ڇڏيا ۽ سنڌو راڄ ملتان ۽ مڪران کان سسندو اچي محدود ٿيو سنڌو واس جي پڇاڙڪي خطي اڄوڪي سنڌ تائين. سنڌو واس جنهن جو ڪئنواس تبت ۾ ڪانگري رنپوچي/ڪيلاش پربت جي اتر ۾ واقع سنڌو ندي، نديءَ جي منهن سنگي کباب کان سنڌوءَ جي ڇوڙ سنڌو ٽِڪور تائين ڦهليل آهي. ان جون سياسي سرحدون اچي محدود ٿيون آهن، ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين! جنهن جي به وجود جي بقا لاءِ اسان وڙهي وڙهي ساڻا ٿي پيا آهيون.

1932ع ۾ سکر بئراج جي تعمير کان پوءِ سنڌ جي زمينن جي تين واليءَ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو آهي اهو ڪراچيءَ ۾ بحريه ۽ ڊي ايڇ اي جي زمينن کان ٿيندو هاڻي سامونڊي ٻيٽن تائين اچي پهتو آهي. سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي پنجاب ۽ پتنگان جي قبضي کان پوءِ هاڻي پنڊي ۽ بيجنگ جون گن بوٽس ۽ شڪاري هوڙا ڪاهي پياآهن. ڏنگي ٻيٽ تي هاڻي مقامي مهاڻن ۽  ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ “داخلا منع آهي” جا اڻ اعلانيل بورڊ لڳي ويا آهن، جڏهن ته ڀنڊاڙ ٻيٽ جي تين واليءَ جا بين الاقوامي اشتهار اسلام آباد مان جاري ٿا ٿين. آمراڻي صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ ۽ بلوچستان جا سمورا ٻيٽ وفاقي اختياري پاڪستان آئلينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پيڊا) حوالي ڪيا ويا آهن جنهن جي ڪا به آئيني حيثيت ڪونهي پر ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. پرڏيهي حاڪمن ۽ ڏيهي دلالن جي ڳٺجوڙ جو هي نئون شاهڪار آهي. سنڌو ۽ سنڌي سمنڊ تي اڳ ته پنجاب ۽ اولهه جي محور جي منصوبا بندي ٿيندي هئي پر ايڪيهين صديءَ ۾ نئين اڀرندڙ اوڀر جي سامراجي قوت چين جي منصوبا بندي ان تي فوقيت حاصل ڪرڻ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ لڳل آهي. چين 2008ع ۾ سنڌو نديءَ تي ايتري ته رازداريءَ ۽ خاموشيءَ سان رن آف دي رور ڊيم جوڙيو جو اسان کي ان جي خبر رڳو ايلائيس البينيا جو ڪتاب سنڌوءَ جون سلطنتون پڙهندي پيو. سنڌوءَ جو سفر ڪندي سنگي ڪليءَ وٽ سنڌوءَ جي سڪل پيٽ ۾ ڊيم جي اڏيل ديوار ڏسي اسان جي ايلسيءَ جي اکين مان سنڌو درياهه اٿلي پيو هو پر اسان کي هتي ڪو اتو پتو نه هيو ته سنڌوءَ جي منڍ ۾ سنڌوءَ سان ڇا وهي واپري رهيو آهي. وري جڏهن ورلڊ بئنڪ ۽ اولهه جي قوتن انڊيا کي ناراض نه ڪرڻ جي پاليسيءَ تحت ڀاشا ڊيم لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته اتي به وري چين اچي پنجاب جو پاسو ورتو ته، “گھٻرايو نه، اسان جو آهيون.” ايلائيس البينيا لکي ٿي ته “لداخ ۾ چار سئو ٻڌمت وارن ڀاشا ڊيم جي اڏاوت خلاف احتجاج ڪيو هو. اهو ڊيم پاڪستاني علائقي ۾ اڏيو پئي ويو. ڇاڪاڻ ته ان سان چلاس واديءَ جون تصويرن سان ڀريل ٽڪريون پاڻيءَ هيٺ اچڻ جو امڪان آهي. پاڪستان ۾ سنڌي ڊيم خلاف مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن پر  هتي تبت ۾ اهڙو ڪو به فورم نه آهي جنهن تان تبتي ماڻهو هن خودمختيار علائقي جي نظارن، ريتن رسمن ۽ زبان جي تحفظ لاءِ آواز اٿارين. هنن کي پنهنجي سرزمين تي هاڻي ڪو به اختيار نه رهيو آهي. تبت کان سنڌ تائين، سنڌو نديءَ جي منهن کان ڇوڙ تائين ڌرتي واسين کي هاڻي ڪيترو اختيار حاصل آهي يا رهندو تنهن جو فيصلو هاڻي اولهه ۽ اوڀر جي ڇڪتاڻ ۽ اندروني ڇڪتاڻ جي نتيجن تي منحصر آهي. سنڌو، جنهن کي تبتي ۽ لداخي “سنگي سامپو” Senge Tsampo يعني شينهن درياهه سڏين ٿا ۽ چيني شيڪوان هي Shiquwanhe سڏين ٿا، تنهن جي جنم ڌرتي تبت تي 1959ع کان چين قابض آهي پر هاڻي اهو سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي سنڌو ٽڪور، سنڌو ڊيلٽا ۽ سنڌي سمنڊ تي به قبضي جا سانباها پيو ڪري. گوادر پورٽ ذريعي مڪران جي ساحل تي ته هن پنهنجا پير پختا ڪرڻ شروع ڪيا آهن ۽ هاڻي ڪراچي پورٽ، بن قاسم پورٽ ۽ سنڌ جي ڪنارن ۽ ٻيٽن تي به پنڊي ۽ اسلام آباد جي مدد سان قابض ٿيڻ جي منصوبا بندي تي عمل شروع ٿي چڪو آهي، جنهن جي خلاف سنڌ ۾ مزاحمت جو ميدان تيار ٿي رهيو آهي. پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند قوتن سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي باني رهنما  جلال محمود شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ پرامن مزاحمتي جدوجهد جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ايڪشن ڪاميٽيءَ پهرين نومبر تي حيدرآباد ۽ 15 نومبر تي ڪراچي ۾ وڏا مزاحمتي ميڙاڪا منظم ڪري سڄي دنيا کي پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته:

اڄ هڪ هزارين ٿي ويو آ

ڪنهن وقت ڪروڙين دانهيندا،

هو سارو سچُ چئي ڏيندا،

۽ اهڙو ساهَس ساهيندا،

هو نيٺ ته توکي چاهيندا!

هو نيٺ ته توکي چاهيندا!

اي آزادي!

اي آزادي!

آزادي، عزت ۽ وقار سان جيئڻ هر انسان جو، هر قوم جو بنيادي حق آهي، جنهن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪرڻ هر انسان، هرقوم جو بنيادي فرض آهي.