سيهڙ ۾ هٿياربندن ننڊ ستل 5 ٻارن جي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

ڏوڪري/ باڊهه :- ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ رات دير سان ٻين وڳي ٻن نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ننڊ ۾ ستل 5 ٻارن جي ماء رفيعت لاشاري زال فيض محمد لاشاري کي مٿي ۾ پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا۔ فائرنگ جي آواز تي مقتوله جو پوڙھو سهرو غلام سرور لاشاري ۽ گهر ۾ ستل ٻارڙا جاڳي پيا جن چور چور جون رڙيون ڪيون جنهن تي ڳوٺاڻا پڻ واقعي واري هنڌ پهتا پر هٿياربند فرار ٿي ويا۔ هوڏانهن واقعي جو اطلاع سيهڙ پوليس اسٽيشن تي ڏنو ويو جنهن مقتول عورت جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال ڏوڪري پهچايو جتي پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ موجب کيس پسٽل جون ٻه گوليون لڳل آھن۔ ان موقعي تي مقتوله عورت جي معصوم نياڻي غنوي لاشاري ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان ننڊ ۾ ستل هئاسين ته رات ٻين وڳي نامعلوم ٻٽون ٻڌل هٿياربند گهر ۾ گهڙي اچي منهنجي امڙ تي پسٽل جا فائر ڪيا جنهن جي آواز تي منهنجو ڏاڏو غلام سرور لاشاري ۽ اسان اٿي پياسين ۽ چور چور جون دانهون ڪيونسين۔ اسان جي دانهن تي ڳوٺاڻا پڻ پهتا۔ هن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آھي ظالمن بيگناھ اسان جي امڙ کي قتل ڪري اسان کي يتيم ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي۔ ٻڌايو پيو وڃي ته مقتوله عورت مسمات رفيعت جو مڙس فيض محمد لاشاري ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آھي جيڪو گهر ۾ موجود نه هو جڏهن ته مقتوله پنهنجي پوڙھي سهري غلام سرور لاشاري ۽ پنهنجي معصوم ٽن پٽن ۽ ٻن نياڻين سان پنهنجي گهر ۾ رهندي هئي۔ مقتوله جو گهر ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن تي ٻاهرين طرف هجڻ جي ڪري هٿياربند قتل واري واردات ڪري آساني سان فرار ٿي ويا۔ ٻئي طرف سيهڙ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او ممتاز سيال ٻڌايو آھي ته قاتلن کي پڪڙڻ لاء کوجي ڪتن جي مدد سان پيرو کڻائي رهيا آھيون ۽ ڪنهن به صورت ۾ کين بخش نه ڪيو ويندو۔ هوڏانهن اطلاع ملڻ تي مقتول عورت جو مڙس فيض محمد لاشاري پڻ ڪراچي کان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن پهتو ۽ لاش وصول ڪيو۔ اطلاع آھن ته تمام ضروري ڪارروائي کان پوء مقتوله جو لاش سندس وارث ٽنڊو ڄام کڻائي ويندا جتي سندس تدفين پڻ ڪئي ويندي۔