سيري اسٽاپ ويجهو خوفناڪ حادثو: ماءُ ٻن ٻارن سوڌو فوت تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، هڪ ڄڻو زخمي، فوتين ۾ ماءُ ۽ سندس 2 ٻار شامل

ٽنڊوڄام : سيري اسٽاپ وٽ خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن سوڌو 3 فوت، تيز رفتار ٽيلر موٽر سائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، پوليس موجب زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، فوتين جو واسطو حيدرآباد جي لياقت ڪالوني سان آهي، جن جي سڃاڻپ انيلا زال بابر شيخ، سندس 9 ورهين جو پٽ مظفر ۽ 4 ورهين جي نياڻي فائقه جي نالن سان ٿي آهي