سوڊان ۾ تبليغ لاءِ ويل پاڪستان جا 150 تبليغي ڦاسي پيا

خرطوم:- پاڪستان مان تبليغ لاءِ سوڊان ويل تبليغي جمعات جا 150 ڄڻا اُتي ڦاسي پيا.سوڊان جي راڄڌاني خرطوم ۾ ڦاٿل تبليغي جماعت جي ميمبرن جو تعلق ڪراچي، فيصل آباد، مري ۽ ٻين علائقن سان آهي.انهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته 17 مارچ تي واپس اچڻو هو پر اڏامون بند هئڻ جي ڪري ڦاسي پيا آهيون، اسان وٽ خرچ جي لاءِ پيسا به ختم ٿي چڪا آهن، حڪومت اسان کي واپس آڻڻ جي لاءِ بندوبست ڪري.ٻئي پاسي رائيونڊ جي تبليغي مرڪز ۾ هڪ ٻئي فرد جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آئي آهي جنهن کان پوءِ مرڪز ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ 28 ٿي ويو آهي، تبليغي مرڪز ۾ ڪورونا وائرس جي 50 شڪين جون ٽيسٽون ڪيون ويون.تبليغي مرڪز ڏانهن سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جا جٿا مقرر آهن ۽ ڪنهن کي اندر يا ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.تبليغي مرڪز ۾ ٿائيلينڊ جا 64 شهري به موجود هئا جن کي ٿائيلينڊ روانو ڪيو ويو آهي.هواڏنهن اسسٽنٽ ڪمشنر شيخوپوره موجب تبليغي مرڪز رائيونڊ مان 800 ڄڻن کي ڪالا شاه ڪاڪو ۾ قائم آئسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويندو.