سون 500 رپيا سستو ۽ چاندي ۾ 11 رپيا لاٿ

ڪراچي : سون 500 رپيا سستو، چاندي ۾ 11 رپيا لاٿ، ڊالر ۽ پائونڊ ۾ به گھٽتائي، يورو بلند اگهه تي بيٺل، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 120200 مان گهٽجي 119700 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 11 رپيا لاٿ سان 1673 مان گهٽجي 1662 رپين تي پهتي، هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 25 پئسا لاٿ سان 167.25 مان 167 ۽ برطانوي پائونڊ 50 پئسا لاٿ سان 223 مان 222.5 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف يورو 197.5 رپين تي بيٺل رهيو