سون 1200 رپيا مهانگو: سون 109700 مان 110900 رپيا تولو ٿي ويو

ڪراچي : سون  جي اگهه ۾ ريڪارڊ واڌ، ڊالر  جي ملهه  ۾ به اضافو، ان ڏس ۾  ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون   1200 رپين جي اضافي سان  109700 مان 110900 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 22 رپيا اضافي سان 1433 مان 1455 رپين تي پهچي وئي، هوڏانهن اوپن مارڪيٽ  ۾ ڊالر 30 پئسا واڌ سان 160.5 مان 160.8 رپيا، پائونڊ هڪ رپيو واڌ سان 214 مان 215 ۽ يورو به هڪ رپيو واڌ سان 195 مان 196 رپيا ٿي ويا.