سورن سان سرجيل بينظير : ليکڪ شوڪت علي جلباڻي

(جنم ڏينهن جي حوالي سان )

هڪ جنم ڏينهن اهو هوندو هو جو پنڪي چئي ڪري سڀ ڪو لاڏ ڪوڏ کڻندو هو،ڪيڪ ڪاٽيا ويندا هئا،ڄڻ سندس پوري دنيا سندس ماءُ، ڀينر ۽ ڀائر هئا. بابا ته سندس کي بيحد پيار ڪندو هو، ايڏو پيار جيڏو فطري طور تي مالڪ سائين هڪ ڌيءَ لاءِ پوري ڪائنات جو پيار ، پيءُ جي سيني ۾ سانڍي رکيو هو. بينظير ، ڀُٽي صاحب  جي سياسي توڙي غير سياسي هر دوري جي نظير هوندي هئي، سندس پيءُ جو هرگز اهو خواب نه هو ته هو پنهنجي لاڏلي کي اهڙو جنم ارپي ويندو،جنهن ۾ هو به سندس لازوال ڪردار جي محور بڻجي ويندي. اهي نازڪ ڳلڙا جن کي جيڪڏهن سج جي تپش لڳي ته گلابي ٿي وڃن ۽ سندس بابا پريشان ٿيو وڃي، تنهن ائين به نه سوچيو هو ته هو اڃا سرجنديءِ ئي ڪانه، ته  لڪن جا اڙهانگا پنڌ سندس استقبال لاءِ آتا ويٺا هوندا.سندس کي ڦٽڪن جي  لڙڪاٽ کان وٺي قوم جي سڏڪن ڀريون ڪيهون ٻڌڻيون پونديون،  سندس مان جا اهي چيل لفظ به سندس سيني تان نه لهندا ته جيڪي پوليس هيڊ ڪوارٽر جي ڪمري ۾ نصرت ڀٽو جيلر جي اچڻ تي بيزاري مان چيا ته آئون عدت ۾ ويٺي آهيان، غيرن سان نه ٿي ملي سگهان، سندس جنم کان ٻيو جنم اتي ٿي چڪو هو، جڏهن هن جيلر کي ماءُ جي بدران  پختگي سان  چيو ته “ اسان وزيراعظم سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيون” محترما پنهنجي ڪتاب مشرق جي ڌيءُ ۾ سندس قرب ۽ اذيت جو ٿورڙو اتي ذڪر به ڪري چڪي آهي پر  مان چوندس ته هي سندس اهو ٿوهرن سان سنواريل  جنم هو،جنهن هڪ بينظير کي بينظير بڻائي ڇڏيو.  سندن جسماني جنم 21 جون 1953 ۾ ته ضرور ٿيو پر سندن بقايا وجود ان پوليس ڪوارٽر ۾ والد جي شهادت جو ٻڌڻ کانپوءِ ٿيو، جڏهن مڪمل طور تي لرزجندڙ وجود ۽ ميڻ جيان اندران پگهريل انسان جنهن پختگي سان ماءِ جي حڪم جو آڌر ڪندي ان جيلر سان ڳالهايو.سندس سيني ۾ آمرن جي لاءِ باهه ڀڙڪي اٿي،انهي باهه  کي ڄڻ ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي شهادت کانپوءِ ڀڙڪائي ويو. مئي مهيني جي پڇاڙي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ميڊم نصرت ڀٽو ۽ بينظير کي آزاد ڪيو ويو، ڀٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ 70 ڪلفٽن ۾ ڪجهه ڏينهن ترسڻ کانپوءِ جڏهن محترما بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي وڃڻ گهريو ته جهازن جو شيڊول ڦيرايو ويو، ريل وسيلي سفر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته عوام وک وک تي سندس آڌرڀاءَ ۽ نوحو پڙهي تعزيت ڪئي، ڄڻ ملڪ جي مهان اڳواڻ جو اَنديو سندن کي پهرئين ئي ملي ويو هو، هزارين اکيون هن کي ڏسي آليون هيون ۽ بدلي بدلي جا نعرا سر بلند هئا. هن بهادر ڌي ڪراچي ڪلفٽن ۾ ئي ماڻهن جي هجومن ۽ پارٽي جي رهنمائن سان ملاقاتن جي پويان ملاقاتون ڪيون. سندس ذهن ۾ ان وقت اهو ئي هيو ته بدلو وٺڻو آهي پر آمريت جو بدلو جهموريت آهي، عوام جي حَق حڪمراني آهي ، ضياءَ جي مارجي وڃڻ سان صرف هڪ انسان جو بدلو وٺجي سگهجي ٿو پر جهموريت سان پوري انسانيت جي امنگن خواهشن، ارمانن جي قتل ٿيڻ جو پلاند ٿيندو. ڀٽي صاحب جي ته خواهش هئي ته سندس ڌي سياست ۾ بهرو وٺي پر هن کي اهو اندازو نه هو ته هوءِ جيئن پنهنجي تعليم پوري ڪري ايندي ته سندس کي قيد ڀوڳڻو پوندو، هتي انهن ناقدن لاءِ اهو لکڻ ضروري آهي،جيڪي محترما کي موروثي سياست طعنو ڏيندي نه ٿڪجندا هئا ته زندگي جا المناڪ حادثا انسان کان گهڻو ڪجهه ڪرائي ٿا ويهن. پيءَ جي شهادت ۽ سندس لاءِ وطن عزيز ۾ زندگي جو زهر بڻائي ڇڏڻ ۽ وري قوم جو سندس جي سڏڻ کان به بغير  سندس ڏک ۾ برابري سان شريڪ ٿيڻ ، انهن سڀني سامهون ايندڙ حالتن کيس پيءِ جي سياست جي واڳ تي وٺي آيا ۽ هو اها واڳ ڇو نه وٺي ها ؟ سندس تربيت به نج سياسي خاندان ۾ ٿي هئي. سر شاهنواز ڀٽو به سياستدان ئي هو پوءَ تعصب پرست ناقد تاريخ جي پنن کي ورائڻ بغير  تنقيد جو حق  ڪئين ٿا  رکن ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي بينظير جي فرزند تائين  الزام ڪئين ٿا هڻن؟ جنهن جي ستيءَ ۾ سياسي سپهه سالاري لکيل هجي ته اهو ان ڪم کان سواءِ ٻيو ڪم ڪئين ٿو ڪري سگهي.؟

ڀٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ ضياءَ الحق ٽيهه هزار کان وڌيڪ ڪارڪن کي 10 سالن قيد ڪري ڇڏيو، سنڌ توڙي پنجاب جي ڀٽي جي شيدائين جي لاءِ ڪوڙن جي سزائن کان وٺي ڦاهي جا ڦندا تيار رهيا پر پوءِ به هن نوجوان سنڌ جي نياڻي جو سر نه جهڪائي سگهيا، 8 فيبروري 1981 ۾ ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي،جنهن ۾ مرحوم رسول بخش پليجي صاحب عوامي تحريڪ جي نمائندگي ڪئي. رسول بخش پليجي صاحب جو ذڪر هت ان لاءِ به لازم آهي ته ان وقت جي سنڌي نياڻين وانگر بينظير ڀٽي جي لاءِ پليجي صاحب جي حوصلا افزائي ۽ سندرو ٻڌي بيهڻ جو درس به شايد محترما تي گهرو اثر ڇڏي ويو هوندو، انهي تحريڪ جي پهرين هفتي ۾ ٻه هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. 189 ماڻهن کي ماريو ويو ۽ 126 ماڻهن کي مرڻينگ ڪيو ويو، ۽ اهو سلسلو 1988 تائين جاري رهيو.

شهيد راڻيءَ 18 ڊسمبر 1987 ۾ زميندار گهراڻي ۽ مشهور سياستدان حاڪم علي زرداري جي فرزند آصف علي زرداري سان شادي ڪئي ، جنهن  کي ان وقت کان ئي هڪ ناڪاري ڪردار ۽ اڻپڙهيو هئڻ جو تاثر ڏنو ويو ته جيئن عوام بينظير ڀٽو کي موٽ نه ڏين، پر سندس طلسماتي آواز ماڻهن جي دلين ۾ ائين سوز ڀري ڇڏيندو هو، جو ماڻهو ڪوهه ميل پنڌ ڪري سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ اچي پيش پوندا هئا. ضياءَ جي حياتي جي پڄاڻي کانپوءِ هو پهرين ڊسمبر 1988 تي ملڪ جي ۽ مسلمانن ملڪن جي پهرين عورت وزيراعظم طور چونڊجي ويئي، سندس خلاف انهن ئي سازشن جو سلسو جاري رهيو، مختلف قسم جو فتوائون جاري ڪرايون ويون ، ايتري قدر جو اساما بن لادن افغانسان ڇڏي پنهنجي وطن سعودي عرب روانو ٿي چڪو هو پر هڪ ڏنل انٽرويو ۾ محترما انڪشاف ڪيو هو ته سندس جي لاءِ هڪ جنرل اساما بن لادن کي اهو چئي افغانسان گهرايو ته ملڪ ۾ هڪ عورت جي حڪمراني آهي ۽ جهاد ته اڃا هلي رهيو آهي. محترما ان وقت به آئين ۾ اٺين ترميم ڪري وزيراعظم جي عهدي کي طاقتور بڻائڻ چاهيو پئي پر هو ائين نه ڪري سگهي وري 1993 ۾ اليڪشن کٽي ٻيهر ملڪ جي وزيراعظم بڻي، سندس ڀاءُ جي شهادت کانپوءِ  صدر فاروق لغاري سندس حڪومت کي ٻيهر سخت الزامن جي زد ۾ آڻي هٽائي ڇڏيو. 1999ع ۾ هن جي پنهنجي اختيار ڪيل جلاوطني واري دور ۾ ٽن سالن جي سزا ٻڌائي ويئي ۽ آصف علي زرداري پابندِ سلاسل هو ،18 آڪٽوبر 2007 تي سندس/ڏسو صفحو 02 بقايا نمبر  01
 طويل جلاوطني کانپوءِ به سندس استقبال جي پهرين ريلي تي سندس جهولي ۾ ڪارڪن جا لاش وڌا ويا ، هو بهادر نياڻي ٻئي ڏينهن وڃي پنهنجن ڪارڪنن جي ٻچڙن کي  جهولي ۾ ويهاري سندن خون جو بدلو جهموريت سان وٺڻ جو وري وچن ورجائي ٿي، سندس جلاوطني کانپوءِ ڄڻ عوام سندس کي ڏسڻ ، ٻڌڻ ۽ سندن اهنجن جي حل ٿيڻ لاءِ اميدون لڳائي ويٺي هئي جتي به سندس جلسو ٿيو لکن جي تعداد ۾ ماڻهو وٽس وڃي بنا ڪنهن بم گولن جي خوف کان پيش پئي پيا، شايد ظالم هن ڀٽائي جي نياڻي جي سورن جي سهڻ جي سقت کان به ايترو ئي ڊنل هئا جو سندس جان جا دشمن ٿي بيٺا ۽ محترما بينظير کي به پنهنجي پيءَ جو مرتبو ڏيئي وڏي شان سان ملاقاتي ڪرايائون.

ٻڙي ! ته ٻيلي گهڻا، ساٿي پڇي سُکَ ،

رفاقتَ  رڃن ۾ ، ڏونگر ڪاري ڏُکَ ،

آريءَ جو آهُکَ ، مون رهَنمُا راههَ ٿيو،