سن ويجهو جوابدار دوست کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ ماري ڇڏيو، گهرن ۾ ڪهرام

سن / ڄامشورو:- سن ڀرسان لاکڙا ڪول فيلڊ جي ڪول مائين ٿاڻي جي حد ۾ اڄ منجھند جو جوابدار رمضان کوسو واپڊا ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ 35 ورھين جي پورھيت عاشق علي کوسو تي مبينا پسٽل جا سدا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو ھو  جنھن کانپوء انھي فرار ٿيندڙ جوابدار رمضان کوسو ڪول مائين ٿاڻي جي حد ۾ پاڻ مٿان ب مبينا پسٽل جو فائر ڪري آپگھات ڪري ڇڏيو آهي اھڙي تصديق ايس ايڇ او ڪول مائين محمد اويوب اوڍو پڻ ڪئي آهي .  ٻي طرف مبينا آپگھاٽ ڪندڙ رمضان کوسو جو لاش وصول ۽ قانوني گھرجون پوري ڪرڻ بعد لاش سندس وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ت اڄوڪي ڏينهن ٿيندڙ ٻئي واقعا ڳجھارت بڻيل آھن ، ٻڌايو پيو وڃي ت ٻئي نوجوان پاڻ ۾ گھاٽا دوست ھئا ، جڏھن ت ٻنھي نوجوانن جي موت تي سندن گھرن ۾ ڪھرام متل آھي.