سنگهار کوسو واقعو: ڳوٺاڻن جي ضمانت رد، 14 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي، مختلف شهرن ۾ ڌرڻا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر:- مانجهند لڳ ڳوٺ سنگهار کوسي ۾ پوليس چڙهاين کانپوءِ ڳوٺاڻن ۽ پوليس وچ ۾ ٿيل چڪتاڻ تي کاڻوٺ پوليس هٿان گرفتار ٿيل ڳوٺ سنگهار جي 14 ڳوٺاڻن جي ضمانت واري درخواست ڪوٽڙي جي عدالت رد ڪري ڇڏي، گرفتار ڳوٺاڻن جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ٿي جنهن جي ٻڌڻي کان پوءِ عدالت پاران گرفتار جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي. ڳوٺاڻن پاران وڪيل شاهد ميمڻ پيش ٿيو جنهن دليل ڏنا ته پوليس ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري انهن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا آهن، گرفتار ڳوٺاڻا بيگناهه آهن، پوليس ظلم ڪيو آهي، جڏهن ته سرڪاري وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل هو پوليس پاران گرفتار ڪرڻ تي هنن مزاحمت ڪري قانون هٿ ۾ کنيو ۽ پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪري انهن کان سرڪاري هٿيار به کسيا. ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت ڳوٺاڻن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. هن وقت ڳوٺاڻا 14 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس ڪسٽڊي ۾ آهن. هوڏانهن عمرڪوٽ ۾ کوسا برادري پاران ڄ رئيس الھچايو کوسو، قادر کوسو، عبدالله کوسو، نئون آباد شهر ۾ سنڌ ترقي پارٽي پاران  ضلعي صدر علي ڏنو خاصخيلي ڪامريڊ جعفري سنڌي لياقت کوسو مختيار قادر کوسو، گڏاپ ۾ ايس يو پي ضلع اولهھ جي اڳواڻن، سول سوسائٽي، علائقي جي معززن ۽ کوسا برادري جي ماڻھن ايس يو پي ضلع اولهھ جي اڳواڻن  ڪراچي ڊويزن جي نائب صدر منير احمد مگسي، ضلع اولهھ صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول، تعلقه گلشن معمار صدر محمد حاصل مري، محبوب کوسو، سول سوسائٽي جي اڳواڻ ظھير عباس کوسو، محمد رمضان سومرو، محمد حنيف ڀٽي، امتياز علي کوسو، ڪامريڊ اقبال خاصخيلي، وڏيرو صابو پاتڻي، حبيب پاتڻي ۽ حيات پتافي شهر  ۾ شاھ لطيف شاگرد سٿ طرفان سينگار گبول، آڪاش لنڊ، مجيب ميراڻي، شڪيل مھر ،ببلو بوزدار توفيق سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻا هنيا ويا.ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ڄامشورو پوليس کوسا برادري جي گھرن مٿان بلاجواز چڙھائي ڪري مردن، عورتن، معصوم ٻارڙن مٿان وحشياڻو تشدد ڪري گھرن کي مسمار ڪري ڇڏيو، جنھن بعد پوليس ھنن کي بلاجواز گرفتار ڪري جانورن جيان پوليس موبائيلن ۾ ڦٽو ڪيو ويو ۽ ھنن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو ھنن چيو ته معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي