سنڌ ۾ 42 نوان ڪيس رپورٽ، صوبي اندر انگ 394 ٿي ويو :ملڪ ۾ انگ 884 ٿي ويو

سنڌ ۾ 42 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي اندر ڪورونا وائرس جي مجموعي ڪيسن جو انگ وڌي 394 ٿي ويو. جڏهن ته ملڪ اندر ڪيسن جو انگ وڌي 884 ٿي ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪورونا وائرس بابت 26 هين اجلاس دوران لاڳاپيل اختيارين بريفنگ ڏني، وڏي وزير جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته اجلاس کي بريفنگ دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ هيل تائين ڪل 394 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان سکر ۾ موجود زائرين ۾ پهرين فيز ۾ 151 ۽ ٻئين فيز دوران 109 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، مجموعي طور سکر ۾ 260 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، بريفنگ دوران چيو ويو ته ڪراچي ۾ 134 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، مقامي منتقلي جا ڪيس شهر ۾ آهن، وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته لاڪ ڊائون جون مثبت رپورٽس آيون آهن. پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 17 ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي ۾ 246، بلوچستان ۾ 110، خيبرپختونخوا ۾ 38، اسلام آباد ۾ 15، گلگت بلتستان ۾ 80 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. ان کانسواءِ ڪورونا وائرس وگهي ملڪ ۾ 6 مريض فوت ٿي چڪا آهن، جن مان 3 ڄڻا خيبرپختونخوا ۾ فوت ٿي ويا، سنڌ، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ هڪ هڪ مريض فوت ٿي چڪو آهي.