سنڌ ۾ 177 ڏات ڌڻين کي فنڊ ڪاميٽي جي منظوري کان اڳ هڪ ڪروڙ 68 لک رپيا جاري

ڪراچي :- ثقافت کاتي جي اختيارين 177 ڏات ڌڻين کي ايمرجنسي بنيادن جو جواز ڄاڻائي فنڊ ڪاميٽي جي منظوري کان اڳ هڪ ڪروڙ 68 لک رپيا جاري ڪري ڇڏيا. رقم جاري ڪرڻ بعد ڪاميٽي ميمبرن کان منظوري ورتي وئي. ايمرجنسي جو جواز ڄاڻائي 101 فنڪارن، شاعرن، اداڪارن ۽ ليکڪن توڙي ڊراما رائيٽرن ۾ بيمارين جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 42 لک 99 هزار رپيا جاري ڪيا ويا. 76 اداڪارائن، شاعرن ۽ ليکڪن ۾ 26 لک 40 هزار رپيا جاري ڪرڻ بعد انڊومينٽ فنڊ ڪاميٽي جي ميمبرن کان منظوري ورتي وئي. انڊومينٽ فنڊ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڏات ڌڻين جي ڌيئرن جي شادين، بيمارين ۽ برسات سبب متاثر ٿيڻ جي مد ۾ سگھڙن، شاعرن، ڍولڪ نوازن ۽ چُنگ وڄائيندڙن کي 57 لک 50 هزار فنڊ ڪاميٽي جي ميمبرن جي منظوري بعد جاري ڪيا ويا. ٻيو ڀيرو ڌيئرن جي شادي جي مد ۾ رقم وٺڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندڙ فنڪارن جون درخواستون پينڊنگ ۾ رکيون ويون. جاچ بعد ساڻن امداد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو