university of north carolina mfa creative writing dissertation statisticians for hire masters creative writing uea polynomial homework help dbq essay on louisiana purchase how to improve child's creative writing fiverr write my essay creative writing stephen king creative writing charlotte nc write my essay gumtree jobs with a creative writing major university of st andrews mfa creative writing

سنڌ ۾ ڪڻڪ جا 29خريداري سينٽر وڌايا ويا: نيب زده ملازمن جي مقرري تي بندش

ڪراچي : سنڌ خوراڪ کاتي ڊي ايف سيز جي سفارشن تي گھوٽڪي، دادو، عمرڪوٽ، ڪشمور ۽ سانگھڙ سميت 8 ضلعن ۾ ڪڻڪ جا وڌيڪ 29 خريداري سينٽر قائم ڪيا ويا، خريداري سينٽرن جو انگ 467 مان وڌي 496 ٿي ويو، فوڊ سپروائيزرن ۽ فوڊ انسپيڪٽرن کي هڪ کان وڌيڪ  سينٽرن جون چارجون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ خوراڪ کاتي جي اختيارين صوبي ۾ ڪڻڪ خريداري لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽرن جي تجويزن تي 467 خريداري سينٽر قائم ڪرڻ بعد هاڻ وري وڌيڪ 29 خريداري سينٽرن جو اضافو ڪيو  آهي، عمرڪوٽ ضلعي ۾ صوبائي وزير سردار شاھ جي چونڊ تڪ پٿورو ۽ جي ڊي اي سينيٽر مظفر شاهه جي ڳوٺ حيدر فارم ۾ 2 خريداري سينٽر وڌايا ويا آهن، رڳو ڪشمور ضلعي ۾ 10 سينٽر وڌايا ويا آهن، جن مان 5 سينٽر ڪنڌڪوٽ تعلقي جي سليمان ميراڻي، حفيظ الله خان، رحيم بخش شيخ، ڳوٺ ٽلڻ عارباڻي ۽ ڳوٺ حسين بخش ميراڻي، ڪشمور تعلقي جي 5 ڳوٺن ڳوٺ امان الله جکراڻي، ڳوٺ نبي بخش ڊومڪي، حاجي ڪاهرو ملڪ، سبحاني خان ملڪ ۽ ڳوٺ امام بخش مزاري  ۾ وڌايا ويا آهن، دادو ۾ ڳوٺ وحيد شيخ واري سينٽر جو  اضافو ڪيو ويو آهي. خيرپور ضلعي ۾ 2 خريداري سينٽر ڳوٺ لعل بخش منگي ۽  پ پ اڳواڻ منور وساڻ جي علائقي منورآباد ۾ قائم ڪيا ويا آهن، گھوٽڪي جا 2 سينٽر اوٻاوڙو تعلقي جي ڳوٺ سوئي شريف ۽ ميرپورماٿيلو تعلقي جي ڳوٺ بهادر بوزدار، نوشهروفيروز ضلعي ۾ 3 سينٽر ڀريا سٽي جي ڳوٺن قاضي صديق اڄڻ ۽ ڳوٺ بهادر خان، هالاڻي جي ڳوٺ ڪمال سولنگي ۾ قائم ڪيا ويا آهن،  سانگھڙ ضلعي ۾ وڌايل 5 سينٽرن ۾ 2 سينٽر سنجھورو تعلقي جي ڳوٺن فقير آباد، موهٽا نگر (پريتم آباد) ٽنڊو آدم تعلقي جي ڳوٺ ملان مکڻ ۽ سانگهڙ تعلقي جي ٻن ڳوٺن ٽنڊو مٺا خان ۽ شريف آباد ۾ کوليا ويندا،   واضح رهي ته خوراڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽرن پاران اختيارين کي تجويزون ڏنيون ويون هيون ته ڪڻڪ گُم ٿيڻ، خراب ٿيڻ ۽ ڪرپشن معاملا روڪڻ لاءِ خريداري سينٽر گھٽايا وڃن، جنهن بعد 58 سينٽر گھٽائي خريداري سينٽر 467 قائم ڪيا ويا هئا پر هاڻي 29 خريداري سينٽر وڌايا ويا آهن جنهن بعد سينٽرن جو تعداد 496 ٿي ويو آهي. ان حوالي سان خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري عبدالحليم شيخ چيو ته جن فوڊ انسپيڪٽرن ۽ فوڊ سپروائيزرن تي اينٽي ڪرپشن ۽ نيب ۾ ڪيس هلندڙ آهن، انهن کي خريداري سينٽرن تي پوسٽنگ نه ڏني ويندي.