سنڌ ۾ ڪوڙن ڊومیسائلن ۽ سنڌي ماڻهن کي نوڪريون نه ملڻ خلاف سماجي رابطن جي ویب سائیٽ ٽوئیٽر تي سنڌ جي عوام عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو

ڪراچي۔ سنڌ ۾ ڪوڙن ڊومیسائلن۔ وفاق ائین سنڌ صوبي ۾ سنڌي نوجوانن کي سرڪاري نوڪریون نہ ملڻ خلاف سماجي رابطن جي ویب سائیٽ ٽوئیٽر تي سنڌ جي عوامي عالمي رڪارڊ قائم ڪیو آھي۔ چوویھ ڪلاڪن اندر ڏھ لک کان وڌیڪ ٽوئیٽس ڪري پاڪستان ۾ پھرین نمبر ائین دنیا ۾ پنجین نمبر نمبر جي ٽرینڊ جو اعزاز حاصل ڪیو۔ جعلي ڊومیسائلن خلاف ھن ٽرینڊ جو عنوان ھئو تہ سنڌ ڪوڙن ڊومیسائلن کي رد ڪري ٿي۔ اھڙي ریت ھڪ ملین کان وڌیڪ ٽوئیٽس ڪري سنڌ عالمي سطح تي جعلي ڊومیسائل۔ پي آر سي۔ ائین سرڪاري نوڪرین ۾ سنڌ جي حق تي ڌاڙي کي رد ڪري ڇڏیو۔ ھن ٽرینڊ ۾ سنڌ جي سیاسي پارٽین جي اڳواڻن ڪارڪنن۔ سنڌي ادیبن دانشورن۔ صحافین۔ سول سوسائٽي جي اڳواڻن۔ سڄاڻ ماڻھن۔ فنڪارن۔ اداڪارن سمیت زندگي جي ھر شعبي جي ماڻھن حصو ورتو۔ ھن ٽرینڊ ۾ جیئي سنڌ قومي محاذ جي چیئرمین صنعان خان قریشي۔ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چیئرمین ڊاڪٽر قادر مگسي۔ قومي عوامي تحریڪ جي سربراھ جي ڊي اي جي سیڪریٽري جنرل ایاز لطیف پلیجو۔ پیپلز پارٽي جي سینیٽر سسئي پلیجو۔ ایم پي اي ھیر سوھو۔ ایم این اي شازیہ عطا مري۔ سینیٹر قرۃالعین مری۔ عوامي تحریڪ جي اڳواڻ قادر رانٽو۔ سجاد چانڊیو۔ سنڌ نیشنل پارٽي جي سرواڻ امیر ڀنڀرو۔ نالیواري لیکڪا نورالھدی شاھ۔ رئوف ڪلاسرا۔ عاصمہ شیرازي۔ اقرارالحسن۔ رخسانہ پریت چنڙ۔ شیرین اسد۔ عارفانہ ملاح۔ امر سنڌو۔ ریحانہ چنڙ۔ اڳوڻي ایڊوڪیٽ جنرل بئریسٽر ضمیر گھمرو۔ نالیواري قانون دان شھاب اوستو۔ ناز۔ سیاسي سماجي اڳواڻن پنھل ساریو۔ ڊاڪٽر صفدر سرڪي۔ ذاڪر بلو۔ حڪیم زنگیجو۔ الاھي بخش بڪڪ۔ مصطفي سومرو۔ ذوالفقار ھالیپوٽو۔ فیاض امر۔ اقصي ڪینجھر جمالي۔ اریشا سومرو۔ انیلا ملاح۔ سسئي ظفر۔ امیر حسن۔ مھوش عباسي۔ شیراز نائچ۔ ڪاشف صدیقي۔ سارنگ منیر۔ مزمل چانڊیو۔ درشن سچدیو۔ وقار لغاري۔ وفا یامین لغاري۔ روبینہ شیخ۔ صحافین ادیبن مان سرويچ اوڍو ـ سعید سانگري۔ قاضي آصف۔ عاجز جمالي۔ عرفان عالماڻي۔ دودو چانڊیو۔ خالد ھاشماڻي۔ خالد ڪوري۔ الطاف میمڻ۔ ماھین ھیسباڻي۔ سنڌو نواز گھانگھرو۔ بابر تنیو۔ ماڪس میمن۔ وتایو فقیر۔ سالار لطیف۔ زریاب ڪاڪا۔ سمیت سنڌ جي لکین ھزارین ماڻھن لکین ٽوئیٽس ڪیا۔ جنھن ۾ سنڌ جي مڙني قومي ائین آئیني حقن جو مطالبو ڪیو ویو۔ ٽرینڊ ۾ ڪوڙا ڊومیسائل رد ڪرڻ۔ سٽیزن شپ ایڪٽ تبدیل ڪرڻ۔ وفاق ۾ سنڌین کي ڪوٽا مطابق سرڪاري نوڪریون ڏیڻ جو مطالبو ڪیو ویو۔ ٽوئیٽر تي ھزارین ماڻھن لکین سنڌین جي مطالبي تي ملڪي میڊیا جي خانوشي تي افسوس جو اظھار ڪیو۔ سنڌ جي تاریخ ۾ پھریون ڀیرو ایڏي وڏي انگ ۾ ماڻھن سماجي رابطن جي ویب سائیٽ ٽوئیٽر تي ڏھ لکن کان وڌیڪ ٽوئیٽس ڪیا۔