سنڌ ۾ ڪورونا جا 358 ڪيس سامهون آيا،12 ڄڻا فوت ٿيا،مريضن جو انگ 6053 ۽ فوتين جو انگ 112 ٿي ويو

اسلام آباد :- ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ گذريل ڏينهن وڌيڪ 18 ڄڻا فوت ٿي ويا،جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 361 ٿي ويو آهي،جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 16 هزار 347 تائين پهچي چڪو آهي.پاڪستان ۾ هيل تائين سڀ کان وڌيڪ 122 فوتگيون خيبر پختونخواهه ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 112، پنجاب ۾ 106، بلوچستان ۾ 14، اسلام آباد ۾ 4، گلگت بلتستان ۾ 3 ڄڻا ان وبا سبب فوت ٿي چڪا آهن.گذريل ڏينهن ملڪ ۾ وڌيڪ 843 ڪيس ۽ 18 فوتگيون سامهون آيون، جن مان سنڌ ۾ 358 ڪيس ۽ 12 فوتگيون، پنجاب ۾ 393 ڪيس ۽ 6 فوتگيون، اسلام آباد ۾ 16 ڪيس، بلوچستان ۾ 75 ڪيس ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪيس  رپورٽ ٿيو.سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 358 ڪيس ۽ 12 فوتگيون سامهون آيون، جنهن جي تصديق وڏي وزير ڪئي.سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪُل انگ 6053 ۽ فوتين جو انگ 112 ٿي ويو آهي.سندس چوڻ هو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 53 ڄڻا صحتياب ٿيا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 1222 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ خميس ڏينهن ڪورونا جا 393 نوان ڪيس ۽ 6 فوتگيون سامهون آيون، جنهن جي تصديق پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ترجمان ڪئي.ترجمان جو چوڻ هو ته صوبي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 6220 ۽ فوتين جو انگ 106 تائين پهچي چڪو آهي.هن ٻڌايو ته پنجاب ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو انگ 1850 آهي.بلوچستان ۾ خميس ڏينهن ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 75  ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 1049 ٿي ويو آهي، جنهن جي تصديق صوبائي صحت کاتي طرفان ڪئي وئي.صوبائي صحت کاتي موجب بلوچستان ۾ هيل تائين 14 ڄڻا ان وبا سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته 180 ڄڻا صحتياب به ٿيا آهن.خيبر پختونخواهه ۾ ڪورونا جا 153 نوان ڪيس ۽ 8 فوتگيون سامهون آيون هيون، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ مريضن جو گڏيل انگ 2313 ۽ فوتين جو انگ 122 ٻڌايو ويو هو.ڪي پي ۾ هيل تائين 614 ڄڻا وائرس مان صحتياب به ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 16 ڪيس سامهون آيا، جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن.پورٽل موجب نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 313 ٿي ويو آهي، جڏهن ته شهر ۾ وائرس سبب هيل تائين 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.آزاد ڪشمير ۾ خميس ڏينهن ڪورونا وائرس جو رڳو هڪ ڪيس سامهون آيو، جيڪو سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيو ويو.پورٽل موجب تازو ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ علائقي ۾ مريضن جو انگ 66 ٿي ويو آهي.گلگت بلتستان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ ٽن ڪيسن جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 333 ٻڌايو ويو هو.صحت کاتي جو چوڻ هو ته وڌيڪ 4 ڄڻا صحتياب ٿيڻ کانپوءِ وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو انگ 228 ٿي ويو آهي.واضح رهي ته گلگت بلتستان ۾ ان وبا سبب هيل تائين 3 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.