سنڌ ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل ڏيڻ خلاف سنڌ سيڪريٽريٽ ٻاهران ڌرڻو، سوين ماڻهو گرفتار

ڪراچي :- ڪراچي ۾ جعلي ڊوميسائيل واري معاملي خلاف سياسي سماجي تنظيمن جو احتجاج، مشتاق سرڪي سميت سوين ڪارڪن گرفتار. رپورٽ موجب جعلي ڊوميسائيل اسڪينڊل خلاف سنڌ سراپا احتجاج، ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ٻاهران هزارين ماڻهن جو مظاهرو، سياسي سماجي ۽ قومپرست تنظيمن قومي عوامي تحريڪ، جي يو آءِ، وڪيل توڙي سول سوسائٽي جي مظاهري دوران سنڌ سيڪريٽريٽ جا در بند ڪيا ويا، مظاهرين صوبائي اسيمبلي کان پيادل مارچ ڪندي سنڌ سيڪريٽريٽ ڪبوتر چوڪ وٽ پهچي نٽهڻ اس ۾  ڌرڻو هنيو. مظاهرين طرفان ٻين صوبن جي شهرين کي جاري ڪيل ڊوميسائيل رد ڪري ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. ان موقعي تي جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مظھر راھوجو ۽ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ سوشل ورڪر مشتاق سرڪي ۽ ٻين چيو تہ ڌارين کي سنڌ ۾ ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ سنڌ جي حقن تي  ڌاڙو سمجهون ٿا ان سنڌ دشمن عمل جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي ڌارين کي ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ ذريعي سنڌين جي نوڪرين ۽ يونيورسٽن ۾  شاگرد جي سيٽن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. هنن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته سنڌ جو شعور بيدار ٿيو آهي ۽ ڪنهن به قوت کي سنڌ سان ويساه گهاتي ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو هنن مطالبو ڪيو ته ڌارين جا ٺهيل ڊوميسائل جلد از جلد رد ڪري سنڌ ڌڻين سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪراچي ۾ جعلي ڊوميسائيل اسڪينڊل خلاف احتجاجي ڌرڻي تي پوليس لاٺي چارج، واٽر ڪينن ۽ شيلنگ جو استعمال ڪيو. پوليس طاقت جو مظاهرو ڪندي سينيئر صحافي مشتاق سرڪي سميت سوين ڪارڪن گرفتار ڪري ورتو.