university of south carolina mfa creative writing price discrimination essay questions nyu mfa creative writing part time creative writing story about fear lancaster university department of english and creative writing penn state creative writing course does homework help test scores creative writing minor guelph phd creative writing denver fireplace creative writing staying up all night doing homework cover letter for helper job

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ نوان خدشا: ليکڪ ميان مير چانڊيو

سنڌ جي ساحلي پٽي سميت ٻين علائقن ۾ پيل خالي سرڪاري زمين تي ڌارين ماڻھن  کي وسائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آھن، جيتوڻيڪ انهن پناهگيرن سميت ساري دنيا ۾ موجود پناهگيرن تي اسان سڀني کي انساني ناتي ڏاڍو ترس اچي ٿو، جيڪي مختلف حالتن ڪري سندن ئي سرزمين تي مشڪل حالتن ۾ ڦاٿا پيا آھن. هن وقت ڪشميري ڀائرن تي هندستاني حڪومت جو ظلم وڌڻ کان پوءِ اهي ماڻھو انتهائي مشڪل حالتن ۾ گهيرجي ويا آھن. انهن ماڻھن تي هندستاني جبر ورهاڱي کان وٺي جاري آھي. هو ستر سالن کان آزادي لاءِ وڙھندا پئي رهيا آھن، ان ويڙھ ۾ ھنن جا ٻه ٽي نسل ختم به ٿي ويا آھن.

هن وقت عالمي حالتن جي ڦيرين گهيرين ۽ مختلف ملڪن ۾ اندروني بغاوتن ۽ ٻاهرين دهتشگردي سبب ڪيترن ئي ملڪن ۾ پناهگير زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آھن، جن ۾ برمي، بنگالي، افغاني، ڪشميري ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. اهي ماڻھو انتهائي مشڪل حالتن ۾ آھن ۽ سندن ئي سرزمين تي دربدري واري زندگي گذاري رهيا آھن ۽ اهڙي طرح اهي ماڻھو مشڪل حالتن کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ پاڙيسري ملڪن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور پئي رهيا آھن. اسان جي ملڪ ۾ ورهاڱي کان وٺي هيل تائين مختلف ڏهاڪن ۾ اهڙن مجبور پناهگيرن جون لوڌون وقت بوقت اينديون پئي رهيون آھن. اهو عجيب اتفاق آھي يا سازش جو هميشه ايندڙ پناهگيرن کي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ رهائڻ بنا فقط سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پهرين عارضي طور ۽ پوءِ مستقل طور انهن کي اتي آباد ڪيو پئي ويو آھي. ھئڻ ته ايئن گهربو هو ته پناهگيرن کي ملڪ جي سڀني صوبن ۾ هڪ جيتري تعداد ۾ رهايو وڃي ها ۽ پوءِ انهن جي واپسي ڪئي وڃي ها. پناهگيرن جي واپسي سان اتان جي اصلوڪن رهاڪن جا بنيادي مسئلا گهڻو وڌن ها ليڪن ايئن نه ڪرڻ سان وڌندڙ انساني آبادي سبب نه فقط روزگار جي مسئلن جو بار ٻيڻو ٿي ويو، گڏوگڏ امن امان سميت ٻيا به ڪافي مسئلا پيدا ٿي پيا اهڙي طرح سان ٻاهرين ماڻھن جي مستقل رهائش سبب اهي ماڻھو  اصلوڪن رهاڪن لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويا آهن.

ٻاهرين ماڻھن کي هڪ ئي صوبي ۾ رهائڻ سان ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ  انساني بنيادي مسئلن ۽ بيروزگاري ڪر کنيو.

ورهاڱي وقت هندستان جي مڌيا پرديش، اتر پرديش، بهار، ڪڇ، ڀُڄ ۽ ٻين صوبن مان مهاجرن کي پنجاب، خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان ۾ رهائڻ کانسواءِ سنڌ ۾ موڪليو ويو. سنڌ جون زمينون گهر، پلاٽ ۽ نوڪريون کين ڏنيون ويون اهي ماڻھو سنڌ ۾ رهي کائي پي جڏھن پاڻ پيرن ڀر ٿيا ته هنن سنڌ ۽ سنڌين سان وير وڌو. اڳيان هلي اهي ماڻھو سنڌ کي ٽوڙي ڌار صوبي جي گهر ڪرڻ لڳا. 1986ع ڌاري جڏھن روسي فوجون افغانستان ۾ گهڙي آيون، روس ۽ افغانستان ۾ جنگ جڏھن طويل ٿي ويئي، ته  ٿڪي ٽٽي ڪيترائي افغاني خيبر پختونخواه مان ٿيندا اچي سنڌ ۾ ڪڙڪيا، جنهن ڪري اهي ماڻھو نه فقط سنڌ جي وسيلن تي، گڏوگڏ سنڌي ماڻھن جي روزگار تي به قابض ٿي ويهي رهيا.

سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ٻين قومن جي مستقل رهائش سان ڪڏھن ڪڏھن اندروني جهڳڙا ۽ فساد به ٿيندا رهيا، ٻاهريان ماڻھو سنڌ ۾ رهي سنڌ جي خالي پيل زمينن تي به قابض ٿيندا رهيا. اوڀر پاڪستان جي ٽٽڻ کان پوءِ هزارن جي تعداد ۾  سنڌ ۾ رهيل بنگالين کي به هتي ئي رهائي کين مختلف وقتن تي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا. اڄ سنڌ ۾ انهن ماڻھن جو به چڱو موچارو تعداد موجود آھي. اهڙي طرح بهاري، برمي ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي قومون سنڌ ۾ غيرقانوني رهيون پيون آهن، جنهن سان سنڌ جا قديمي باشندا روزگار، رهائش،گذر، ٻني ٻارن ۽ مزدوري جهڙن انيڪ معاملن ۾ وڃن ٿا روز بروز الجهندا. اڄ ڪلھه جڏھن ڪشميري ڀائرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ منصوبابندي جون ڳالهيون گردش ڪري رهيون آھن، ته سنڌي قومپرست جماعتن ۽ سنڌي ماڻھن ۾مايوسي جي لهر ڇانئجي ويئي آھي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ماڻھن جي اڳيان ورهاڱي کان وٺي هيل تائين  سنڌ ۾ رهايل ڌارين ماڻھن جي ساري تاريخ پٽ جي تاڪئي جيان اکلي پئي آھي. سنڌين جي اڳيان 1972ع ۾ سنڌي ٻولي تي قومي ٻولي واري قرارداد واري معاملي تي ٿيل ڦڏو

1988ع ۾ خواه مخواه سنڌين جو وڏن شھرن ۾ ڪيل قتل عام۽ سنڌ خلاف ٻاهرين ماڻھن جون سازشون سنڌي ماڻھن کي اڃا وسريون نه آھن. سنڌي ماڻھن کي ٻاهرين ماڻھن ڪڏھن به بخش نه ڪيو آھي.

صدر ايوب خان جي دور ۾ افغانين جا ڪٽڪ به سنڌ ۾ لهڻ شروع ٿي وياهئا، جنهن سان ان وقت ٻھراڙين جي عام ماڻھن ۾ خوف طاري ڪرڻ لاءِ هڪ تاثر جوڙيو ويو. چوٻول اهو  هوندو هو ته افغاني سنڌي ٻارڙن کي اغوا ڪري وڃي وڪرو ڪن ٿا، ان چوٻول هيڪاري ساري سنڌ جي ٻارڙن ۾ خوف طاري ڪري ڇڏيو. اسان پاڻ ان وقت افغانين جي نالي ٻڌڻ کان پيا ڊڄندا هئاسون، ان وقت افغاني سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکڙي چڪا هئا، اهي اڪثر ڪري ڪپڙو، ٿانو ۽ ٻيو سامان پيٽين ۾ بند ڪري ڪلهي تي رکي ڳوٺ ڳوٺ وڃي وڪڻندا هئا، وڏن شھرن ۾ ھنن ٻيا به مختلف ڪاروبار کولي ڇڏيا هئا، جنهن ڪري هو ٿوري ئي وقت ۾ شاهوڪار ٿيندا ويا، سنڌ جي وڏن شھرن جا ڪجھه علائقا ئي انهن جي نالن سان سڏجڻ لڳا. اهڙي طرح سان سنڌ جي خالي پيل هزارين ايڪڙ زمين ٻين قومن جي ماڻھن کي الاٽ ڪئي وئي. اهڙن حڪومتي فيصلن سان هتان جو قديم رهاڪو غريب حقدار هاري زمين کان محروم رهجي ويو. گڏوگڏ ھتان جي سنڌي نوجوانن جي نوڪرين ۽ ٻي روزگار تي به ٻيا ماڻھو قبضو  ڄمائيندا ويا، جنهن ڪري هنن جو حق ماربو ٿي ويو. هن وقت سنڌ ۾ لکين سنڌي اهڙا به آھن جن وٽ زمين جي ٻاري به ڪانهي، جيڪي پنهنجو پيٽ پالڻ خاطر ڪارخانن ۾ مزدوري به ڪن ٿا ته وري ڪجھه ماڻھو سنڌ جي زميندارن وٽ هارپو به ڪن ٿا. سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي سنڌي جاگيردار به آھن جن کي انگريزن سان وفاداري سبب جاگيرون عطا ٿيل هيون، جن جون جاگيرون ذولفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ختم ڪيون ويون. ليڪن ٿوري ئي وقت ۾ ڀٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد  جاگيرداري ٻيهر بحال ٿي ويئي. مسلسل اهڙين حالتن ۾ سنڌ جو غريب هاري اتي جو اتي رهجي ويو. اڄ ڪلھه انهن پورهيتن وٽ ويهڻ لاءِ به زمين نه آھي. اهڙا هزارين خاندان سرڪاري شاخن ۽ روڊن جي ڪنارن کان ويٺل آھن جن تي به هينئر ٻيهر ڏکيو وقت اچي ويو آھي. سندن گهرن ۽ ٻين اڏاوتن تي اينٽي انڪروچمينٽ وارن جو آپريشن هلي رهيو آھي.

هن وقت سنڌ جي قومپرست پارٽين جي اڳواڻن ڪراچي سميت ڪجھه ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪندي مطالبو ورجايو آھي ته ڪشميري ڀائرن کي پاڪستان جي ڪنهن ٻي صوبي ۾ ڀل رهايو وڃي هو به انهن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھن، ليڪن سنڌ۾  انهن ماڻھن کي نه رهايو وڃي ڇاڪاڻ ته هاڻي سنڌ وڌيڪ ماڻھن جي وزن کڻڻ جي قابل نه رهي آھي. ميڊيا ۾ اهي خبرون به گردش ۾ آھن ته مرڪزي حڪومت جي هدايت تي سنڌ حڪومت جي روينيو کاتي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ خالي پيل زمين جا انگ اکر گڏ ڪري موڪلي ڇڏيا آھن.

ان کان اڳ سنڌ جي ٻيٽن تي مرڪزي حڪومت شھر اڏڻ جو پلان تيار ڪيو هو جنهن تي به نه فقط ماهيگيرن پر عام ماڻھن به وڏو احتجاج ڪيو هو جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت جو موقف به سامهون آيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن، ان ڪري اتي مرڪزي حڪومت شهر اڏي نه ٿي سگهي. ان بعد هاڻ سنڌ ۾ پناهگيرن جي نئين کيپ آڻڻ جي منصوبي سنڌين کي نئين خوف ۾ وجهي ڇڏيو آھي. ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ۽ هو پنهنجو تاريخي تشخص، ٻولي، ثقافت ۽ وجود به وڃائي سگهن ٿا.