سنڌ ۾ وڌندڙ مذھبي انتھاپسندي ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال

سائين جي ايم سيد 1952 ۾ ويانا ڪانفرنس ۾ عالمي برادري کي خبردار ڪيو هو ته، جيڪو مذهبي انتهاپسنديءَ جو ٻجُ اڄ اوهان سويت يونين کي ٽوڙڻ لاءِ ڇٽي رهيا آهيو، سڀاڻي اهو وڌي وڻ جي صورت ۾ هن خطي سميت سموري دنيا لاءِ خطرو ثابت ٿيندو. اڄ جون عالمي حالتون سئو سيڪڙو سائين جي ايم سيد جي ڪيل اڳڪٿيءَ موجب آهن، جتي فرانس کان وٺي، جرمني، برطانيا، آمريڪا، عرب ليگ جي ملڪن سعودي عرب، شام، لبنان، عراق، ايران، افغانستان سميت هن خطي ۾ پڻ مذهبي شدت پسند ڪارروايون زور ۽ شور سان جاري آهن، جن ڪاررواين ۾ اسلام ۽ جهاد جي نالي ۾ هزارين عام انسانن جو قتل عام جاري و ساري آهي. سنڌ وطن گهڻي قدر اهڙين ڪاررواين کان ڪجهه قدر محفوظ هو، پر گذريل ڏهاڪو سالن کان هڪ منظم رياستي سازش ذريعي سنڌ اندر جهڙيءَ طرح سان مدرسن جو ڄار وچايو ويو آهي، جهڙيءَ ريت انتهاپسند ۽ دهشتگرد حافظ سعيد جهڙن ماڻهن کي رياستي پروٽوڪول ڏئي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڏا جلسا ڪرايا پيا وڃن، يا جهڙيءَ ريت ميان مٺوءَ جهڙي انتهاپسند ۽ قاتل ماڻهوءَ هٿان بار بار سنڌ جي اصلوڪن وارثن کي بيدرديءَ سان مذهب جي آڙ ۾ ماريو پيو وڃي، يا جهڙيءَ طرح وري ڀوري ڀيل جي لاش جي تذليل ڪئي پئي وڃي، ڪڏهن سنڌ جي مختلف علائقن جي مندرن جي ڀڃ ڊاهه ڪئي پئي وڇي، جهڙيءَ ريت رئنڪل ڪماريءَ کان وٺي ڪڪو ڪولهڻ تائين اصلوڪن سنڌين کي زبردستي اغوا ڪري باندي ٻڻايو ٿو وڃي يا انهن جي لڄ لُٽِي انهن کي قتل ٿو ڪيو وڃي. يا وري تازو مسيحي عورت آسيه بيبي کي توهين رسالت جي ڪيس مان سُپريم ڪورٽ جي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف هن رياست جي سمورن بُنياد پرست مذهبي تنظيمن بشمول تحريڪ لبيڪ پاران جهڙي ريت سنڌ سميت هن رياست جي ڪاروهنوار کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي ۽ جهڙيءَ ريت وري هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينت، فوج، عدليا ۽ حڪومت انهن انتهاپسندن کي سزا ڏيڻ بجاءِ انهن آڏو جهڪي معافي وٺي ٺاهه پئي ڪري، اهڙا سمورا واقعا رڙيون ڪري چون ٿا ته، سنڌ هاڻي صوفين جي ڌرتي ناهي رهي، سنڌ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي فلسفي کي وسارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي جي فلسفي کي وساريندي پئي وڃي، تڏهن ئي ته اهڙا درندگيءَ ۽ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعا هر روز سنڌ ۾ ٿين پيا. سنڌ جو اجتماعي شعور مري چُڪو آهي شايد، جو هيترا واقعا ٿيڻ کانپوءِ به اڃا نه جاڳيو آهي. انفرادي توڙي اجتماعي بنيادن تي ڪي سماجي ۽ سياسي پارٽيون، ڪي ترقي پسند ۽ آزادي پسند فرد پڻ مُظاهرن، مذمتن تائين محدود آهن. مجموعي طورتي سنڌي قوم ڪڏهن جاڳندي.؟ سنڌ جو سياسي شعور رکندڙ اهو اديب، دانشور، قومي ڪارڪن ڪڏهن جاڳندو؟ جڏهن سنڌ ڌرتي مذهب جي نالي ۾ هڪ اهڙي خطرناڪ دلدل ۾ ڦاسي پوندي، يا آزادي پسند ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ ۽ مزاحمت ڪندڙن کي چونڊي چونڊي هن رياست جا ڪارندا ۽ اهي مذهبي دهشت گرد ماري ڇڏيندا تڏهن اهي جاڳندا؟ آخر سنڌ جو اجتماعي شعور ڪڏهن جاڳندو. اسان سمورن باشعور قومي سوچ رکندڙن کي مُظاهرن، مذمتن کان اڳتي وڌي پنهنجي قوم ۽ سنڌ وطن جي اصلوڪن رهواسين کي بچائڻ لاءِ عملي طور ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.
هي هڪ خطرناڪ نظرياتي جنگ رياستي ادارن ۽ انتهاپسند قوتن پاران اسان مٿان مسلط ڪئي وئي آهي، جنهن کي اسان سيڪيلور روايتن کي هٿي ڏيندي ۽ سائنسي سوچ جي عملي طور تي پکيڙ سان ئي مات ڏئي سگهون ٿا. ان لاءِ آئون سنڌ جي سيڪيولر سوچ رکندڙ، ترقي پسند، آزادي پسند، جمهوريت پسند سمورين ڌرين کي اپيل ٿو ڪريان ته اچو مڙي مُٺ ٿيون ۽ سنڌ کي هن انتهاپسنديءَ جي آڙاهه مان ٻاهر ڪڍون.