سنڌ ۾ هڪ سال دوران انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا ٻه هزار ٽيانوي ڪيس داخل ٿيا

ڪراچي: پوليس طرفان تازو ئي ميڊيا کي ڏنل انگ اکرن کان پوءِ 31 جنوري، 2019 کان وٺي 31 جنوري 2020 جي وچ ۾ سنڌ اندر انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا 2 هزار 93 ڪيس پوليس کي رپورٽ ڪيا ويا.ان ۾ چيو ويو ته 7 سئو 53 ڪيسن جي چارج شيٽ تيار ڪئي وئي، 8 سئو 63 جي جاچ جاري آهي ۽ 7 سئو 49 عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن.انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا هي ڪيس نام نهاد غيرت جي نالي تي قتل، عورتن جي اغوا، جنسي حملن، ملازمت جي جڳهه تي هراسان ڪرڻ، جبري مزدوري، ننڍي عمر جون شاديون، تيزاب گردي، چلهي مان سڙڻ جا حادثا، اقليتن تي تشدد ۽ مذهبي جذبات مجروح ڪرڻ بابت هئا.