write my personal statement service creative writing 11 past papers help writing an essay for college get paid to do someone's homework thank you writing service mind stretcher creative writing review the best creative writing activities for engaging your learners full sail university online creative writing greek gods and goddesses primary homework help great creative writing prompts gifted in creative writing developing creative writing skills

سنڌ ۾ موجود معاشي ترقيءَ جا موقعا:ليکڪ نصير ميمڻ

  روزاني ڊان اخبار ۾ خبر ڇپي هئي ته پنجاب پاران صوبي جي ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. خبر موجب 19-2018ع ۾ ملڪ اندر استعمال ٿيندڙ ڪل 25،627 ميگاواٽ بجليءَ مان 14،472 ميگا واٽ (56 سيڪڙو کان وڌيڪ) رڳو پنجاب صوبي ۾ استعمال ڪئي پئي وڃي ۽ صوبي جي بجليءَ جي کپت ۾ لاڳيتو واڌارو ٿي رهيو آهي، خبر ۾ اهو به ڄاڻايو ويو ته ملڪ اندر بجليءَ جا 66 سيڪڙو واهپيدار پنجاب ۾ آهن، پنجاب ان ڏس ۾ سنڌ پاران 18هين ترميم هيٺ قائم ڪيل پنهنجي سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جو به حوالو ڏنو آهي. ٻه ٽي ڏهاڙا پوءِ هڪ ٻي خبر ڇپي ته خيبرپختونخوا پاران صوبي جي ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني قائم ڪرڻ واري درخواست تي وفاقي ادارن اعتراض واري ڇڏيو آهي.

18 هين ترميم کان پوءِ آرٽيڪل (2) 157 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صوبي اندر بجليءَ جي فراهميءَ لاءِ صوبائي حڪومت بجلي گھر ۽ ٽرانسميشن لائين تعمير ڪري سگھي ٿي. ان ئي آرٽيڪل هيٺ سنڌ سرڪار 7 جنوري 2015ع تي سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (STDC) قائم ڪئي. هن وقت نوري آباد پاور ڪمپني جي بجلي گھر مان 100 ميگاواٽ بجلي 95 ڪلوميٽر ڊگھي ٽرانسميشن لائين وسيلي ڪي اليڪٽرڪ کي فراهم ڪري رهي آهي. ڊلائيٽ آڊٽ ڪمپنيءَ طرفان 2018ع ۾ جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسين ٽي ڊي سي جو نفعي ۽ کپت جو تناسب (نفعو: کپت) 64 سيڪڙو رهيو جيڪو وفاقي حڪومت جي اين ٽي ڊي سي (NTDC) جي 53 سيڪڙو تناسب جي ڀيٽ ۾ گھڻو بهتر آهي.

ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته سنڌ حڪومت کي بجلي گھر ۽ ٽرانسميشن لائين وڇائڻ جو اختيار آئين ۾ مليل آهي. اهو اختيار مناسب رٿابنديءَ سان سنڌ جي صنعتي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو.هن وقت ملڪ ۾ بجليءَ جي کپت ۾ پنجاب ۽ سنڌ جو فرق سمجھڻ لاءِ نيپرا جي اسٽيٽ آف انڊسٽري رپورٽ 2020ع جي جدول 72 ۽ 73 جو جائزو وٺڻ سان هيٺين معلومات ملي ٿي.گھريلو بجليءَ ۾ پنجاب اندر 36357 گيگا واٽ آورز بجلي استعمال ٿي، جڏهن ته سنڌ (ڪي اليڪٽرڪ سميت) 11،050 گيگا واٽ آورز بجلي استعمال ڪئي. پنجاب جي آبادي سنڌ کان ٻيڻي آهي پر گھريلو بجليءَ ۾ پنجاب اندر سنڌ جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ کان وڌيڪ بجلي استعمال ٿي رهي آهي.

ڪاروباري شعبي ۾ پنجاب اندر 4871 گيگا واٽ آورز ۽ سنڌ ۾ (ڪي اليڪٽرڪ سميت) 2086 گيگا واٽ آورز بجلي استعمال ٿي جيڪا سنڌ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ کان وڌيڪ آهي.

صنعتي شعبي ۾ پنجاب اندر 17،008 گيگا واٽ آورز ۽ سنڌ ۾ 5،240 گيگا واٽ آورز بجلي استعمال ٿي يعني سنڌ جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ کان وڌيڪ بجلي استعمال ٿي.

ساڳيءَ ريت سنڌ اندر ڪراچيءَ جي آبادي سنڌ صوبي جي مجموعي آباديءَ جو ٽيون حصو آهي پر اتي به بجليءَ جو وڌيڪ واهپو ڪراچي شهر اندر ٿئي ٿو. ساڳي جدول کي پڙهڻ سان هيٺيان تفصيل ملن ٿا.

گھريلو شعبي ۾ ڪراچي شهر ۾ 7،298 گيگا واٽ آورز ۽ باقي سنڌ ۾ 3،752 گيگا واٽ آورز بجلي استعمال ٿي، يعني ٽيون حصو آباديءَ واري ڪراچي شهر ۾ گھرن اندر باقي سنڌ کان ٻيڻ تي بجلي استعمال ٿئي ٿي.

ڪاروباري شعبي ۾ ڪراچي شهر اندر 1،615 گيگا واٽ آورز ۽ باقي سڄي سنڌ ۾ 471 گيگا واٽ آورز بجلي استعمال ٿي، يعني ڪراچيءَ ۾ چئوڻ تي وڌيڪ بجلي استعمال ٿي.

صنعتي شعبي ۾ ڪراچيءَ اندر 4158 گيگا واٽ آورز جي ڀيٽ ۾ باقي سنڌ ۾ 1082 گيگا واٽ آورز بجلي استعمال ٿي يعني ڪراچي شهر ۾ باقي سڄي سنڌ کان چئوڻ تي وڌيڪ بجلي استعمال ٿي.

انهن انگن اکرن مان هيٺيان ٻه اهم نتيجا نڪرن ٿا.

پنجاب، آباديءَ جي تناسب جي ڀيٽ ۾ سنڌ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪري ٿو.سنڌ اندر ڪراچي شهر باقي سنڌ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪري ٿو.بجلي جيئن ته معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جو اهم اهڃاڻ آهي، تنهنڪري ان جو تعلق ڪنهن به علائقي جي مجموعي خوشحاليءَ سان ٻڌل آهي.

پنجاب اندر ويجھڙ وارن ڏهاڪن ۾ صنعتي ۽ ڪاروباري شعبي ۾ تيزيءَ سان ترقي ٿي رهي آهي. هن وقت پنجاب  ۾ 3590 مينو فيڪچرنگ ۽ 15844 ننڍيون صنعتون آهن. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر صنعتڪاري گھٽجي رهي آهي. 71-1970ع ۾ سنڌ اندر 1534 وڏا صنعتي يونٽ هئا، جيڪي ملڪي صنعت جو 43.2 سيڪڙو هئا. 35 سال گذرڻ کان پوءِ 2005ع ۾ سنڌ جو حصو 15 سيڪڙو گھٽجي چڪو هو، ڇو ته ان عرصي دوران پنجاب ۾ تيز رفتاريءَ سان صنعتي ترقي ٿي رهي هئي، جڏهن ته سنڌ ۾ خاص طور تي ڪراچيءَ اندر صنعتڪاري کي بدامنيءَ سبب ڪاپاري ڌڪ لڳي چڪو هو. 1980ع کان پوءِ پنجاب ۾ ڏهه وڏا صنعتي زونز وجود ۾ اچي چڪا آهن، ان سموري معاشي ۽ صنعتي سگھه کي لڳاتار بجليءَ جي فراهميءَ جي ضرورت آهي. هن وقت صوبي اندر مختلف قسم جا 30 بجلي گھر لڳل آهن جيڪي ساڍا 12 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي سگھه رکن ٿا. ان کان سواءِ 10،870 ميگا واٽ جا وڌيڪ بجلي گھر اڏاوت هيٺ آهن.

سنڌ جي سياسي قيادت کي گھرجي ته ضلعي يا ڊويزنل سطح تي معاشي ترقيءَ جا زون قائم ڪري ۽ ان مقصد لاءِ پنهنجا بجلي گھر لڳائي ۽ ايس ٽي ڊي سي وسيلي ٽرانسميشن جو سرشتو قائم ڪري. سنڌ کي وڏو فائدو اهو آهي جو ان وٽ ٿر ۾ پنهنجو ڪوئلو موجود آهي، جھمپير ۽ گھاري واري پٽيءَ ۾ پن بجليءَ جا موقعا ۽ سڄي سنڌ ۾ شمسي بجليءَ جا موقعا موجود آهن. 50 کان 100 ميگا واٽ جا ننڍا ۽ وچولا بجلي گھر قائم ڪري سڄي سنڌ ۾ معاشي ۽ صنعتي اوسر لاءِ ماحول پيدا ڪري سگھجي ٿو. توانائيءَ جي وسيلن جي موجودگيءَ جو سنڌ اڃان تائين ڪنهن رٿابنديءَ هيٺ استعمال نه ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ماڊل به موجود آهي، جنهن کي سنڌ بئنڪ سان ڳنڍي سيڙپڪاريءَ جا موقعا پيدا ڪري سگھجن ٿا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ان طرح زرعي بنيادن واري صنعت کي هٿي ڏئي روزگار ۽ خوشحاليءَ جا نوان موقعا پيدا ڪري سگھجن ٿا.

سنڌ جي ٻهراڙين ۾ شديد بيروزگاريءَ جو وڏو ڪارڻ اتي زرعي معيشت ۾ لاٿ ۽ صعنتي شعبي جي اڻ هوند آهي. سرڪاري شعبي ۾ هاڻي نوڪريون نه هجڻ برابر آهن، تنهنڪري رڳو ان تي گذرسفر لاءِ نٿو ڀاڙي سگھجي، بجليءَ جا موقعا مجموعي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جو بنياد بڻجي سگھن ٿا، جنهن لاءِ حڪمت عملي ۽ عمل جي ضرورت آهي. ان سان سنڌ جو معاشي ۽ سماجي نقشو بدلائي سگھجي ٿو