سنڌ ۾ قائم ٿيل آئسوليشن هيلٿ سينٽرن ۾ فنڊن جي فراهمي نه ٿيڻ سبب بند ٿيڻ جو خدشو، اينٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز پنهنجي ريگيولر بجيٽ مان گهربل بندوبستن سان گڏ سينٽر ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان

حيدرآباد :- اعتبار جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان نون ڪووڊ 19 پازيٽو مريضن جي وڌندڙ تعداد کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ قائم ٿيل آئسوليشن هيلٿ سينٽرن ۾گهربل بندوبستن سان گڏ ِ فنڊن جي فراهمي نه ٿيڻ سبب آئيسوليشن ۽ ايمرجنسي هيلٿ ڪيئر سروس بند ٿيڻ جو خدشو پئدا ٿي ويو آهي.جڏهن ته هيل تائين مختلف هيلٿ جا ادارا پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي اهو عمل جاري رکندا پيا اچن. ان سلسلي ۾ ڪيل سروي سان اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته هينڊس، انڊس، پي پي ايڇ آءِ ڪيترين ڏکائين کي منهن ڌيئي رهيا آهن. اهڙي طرح اندروني ضريعن موجب اينٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز آءِ ايڇ ايس پنهنجي ريگيولر بجيٽ مان هڪ سئو بسترن جو سکر ۾ ايمرجنسي سينٽر ۽ سنڌ گورنمينٽ ڪوهسار هاسپيٽل لطيف آباد، حيدر آباد ۾هڪ سئو بسترن جو آئيسوليشن ۽ ڪورينٽن سينٽر هلائي رهي آهي. ساڳئي وقت شهيد بينظير آباد، ميرپور ماٿيلو ۽ گھوٽڪي سينٽرن جي شروعاتي تيارين کان پوءِ هاڻي فقط بجيٽ ملندي ئي ڪم ۾ تيزي متوقع آهي. ذريعن جو اهوبه چوڻ هيو ته هيل تائين انهي مد ۾ ڪابه بجيٽ رليز ناهي ٿي ۽ هڪ رپيو به حڪومت پاران انهن ادارن کي ناهي مليو. انهي ڪري انهن آئيسوليشن سينٽرن جو ڪم جاري رکڻ ۾ کين ڪيتريون ڏکايون پيش اچي رهيون آهن. گڏ ڪيل معلومات موجب اڄ چار اپريل تي شام تائين 82 پازيٽو مريضن ڪوهساراسپتال ۾ داخل آهن جن ۾ رات تائين ڪجھ وڌيڪ مريضن اچڻ سان اهو انگ وڌي هڪ سئو تائين پهچي سگهي ٿو. اهڙي صورت ۾ مناسب بجيٽ جي وقت سر نه ملڻ جي صورت ۾ اهو عمل رڪجي سگھي ٿو. شهرين پاران ان خدشي جي پيشي نظر اسپتالن جي پرگھور لهڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.