سنڌ ۾ شگر ملون اڄ کان بند ڪرڻ جو اعلان، آبادگارن پاران شگر ڪين ايڪٽ جي سنگين ڀڃڪڙي قرار

حيدرآباد:- سنڌ اندر هلندڙ شگر ملن جي مالڪن اڄ کان پنهنجون ملون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ جي آباد گارن اهڙي اعلان کي سنڌ شگر ڪين ايڪٽ 1950ع جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو،  ايوان زراعت سنڌ جي صدر سيد ميران محمد شاهه جي اڳواڻي ۾11 رڪني وفد جي صوبائي وزير زراعت اسماعيل راهو سان ملاقات، پاسما جي ظلم ۽ ماڪڙ جي مسئلي سميت ٻين اهم آبادگارن جي مسئلن بابت تفصيلي آگاهي، سنڌ حڪومت آبادگارن جا مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه جي اڳواڻي ۾ آبادگار اڳواڻن جي 11 رڪني وفد سنڌ جي زراعت کاتي جي وزير اسماعيل راهو سان ملاقات ڪئي، جنهن ايوان زراعت سنڌ جي صدر صوبائي وزير زراعت اسماعيل راهو کي چيو ته پاسما سنڌ ۾ هلندڙ 24 شگرملن کي اڄ اربع کان بند ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ سنڌ شگرڪين ايڪٽ 1950ع جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، ان ايڪٽ تحت ڪا به هلندڙ شگرمل بند نٿي ڪري سگهجي. هن ماڪڙ واري مسئلي تي وزير زراعت کي چيو ته سنڌ سرڪار ماڪڙ واري مسئلي تي وفاقي حڪومت جي مدد تي ڀاڙڻ بدران پاڻ تحرڪ وٺي سنڌ ۾ ماڪڙ کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ بنا دير جهازن ۽ فور ويل گاڏين وسيلي اسپري مهم هلائي وڃي، ٻي صورت ۾ ماڪڙ ڪڻڪ جو فصل کائي ناس ڪري ڇڏيندي. وفد ۾ ايوان زراعت سنڌ جو جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي، نبي بخش سٺيو، مير عبدالڪريم ٽالپر، فضيل حبيب شاهه، عبدالله رفيع، پرويز نبي اوستو، سعيد سيٺار ۽ ديدار سولنگي شامل هئا، جڏهن ته زراعت کاتي جو سيڪريٽري آغا ظهير ۽ ڊپٽي سيڪريٽري رياض احمد دايو پڻ موجود هئا.