سنڌ ۾ سي اين جي جي فراهمي معطل ٿيندي ئي ٽرانسپورٽرن ڪرايا وڌائي ڇڏيا، عوام هڪ ٻٽي عذاب ۾ مبتلا

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ سي اين جي جي فراهمي معطل ٿيندي ئي ٽرانسپورٽرن ڪرايا وڌائي ڇڏيا، عوام هڪ ٻئي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو، خبر موجب سنڌ ۾ سي اين جي جي فراهمي معطل ٿيندي ئي ٽرانسپورٽرن ڪرايا وڌائي ڇڏيا آهن جڏهن ته لوڪل ٽرانسپورٽ نالي ماتر روڊن تي رهجي وئي آهي جنهن سبب عوام هڪ ٻيو عذاب ڀوڳڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، حيدرآباد شهر اندر هلندڙ ڪيترائي رڪشا، سوزوڪيون ۽ سي اين جي هلندڙ ٻئي ٽرانسپورٽ روڊن تي نالي ماتر رهجي وئي آهي جڏهن ته باقي هلندڙ ٽرانسپورٽ وارن تي شهر اندر ڪراين ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪري ڇڏيو آهي شهر جي اهم هنڌن تان ٻين هنڌن ڏانهن جتي اڳ رڪشا وارو 80 رپيا وٺندو هو هاڻي اهو 200 رپين جي گهرج ڪري رهيو آهي جڏهن ته 150 رپين کان گهٽ ته ماڳ تائين پهچائڻ لاءِ تيار ئي ناهي جڏهن ته ٻئي پرائيويٽ ٽرانسپورٽ پڻ ساڳئي ريت ڀاڙن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته شهر کان ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ويگنن ۽ بسن وارن پڻ ڀاڙن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جيئن حيدرآباد کان ٽنڊوآدم ويندڙ ون وارن سي اين جي بندش جو جواز ڄاڻائي 80 رپين جي جاءِ تي 120 رپيا ڪرايو وٺڻ شروع ڪري ڏنو آهي جڏهن ته ان وين ۾ اڳ 14 مسافر ويهاريا ويندا هئا هاڻي 18 مسافر ويهاريا پيا وڃن جنهن سبب انهن وينن ويهندڙ مسافر ٻٽي عزاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ مسافر ويهارڻ سبب حادثن جو خدشو پڻ وڌي ويو آهي، هوڌانهن ٽرانسپوٽ مالڪن جو چوڻ آهي ته سي اين جي بند هئڻ سبب اهي گاڏيون پيٽرول تي هلائي رهيا آهن جنهن ڪري انهن جي خرچ ۾ اضافو ٿي ويو آهي جنهن ڪري انهن ڀاڙن ۾ اضافو ڪيو آهي، هنن ٻڌايو ته سي اين جي ايوريج وڌيڪ هوندي هئي پر پيٽرول جي سفري ايوريج گهٽ آهي ۽ اهو مهانگو پوي ٿو ان ئي سبب هنن ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سي اين جي جي فراهمي شروع ڪئي وڃي ڇو ته ان جي بندش سبب عام ماڻهون تمام گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي.