سنڌ ۾ سوشلزم جي اهميت

سوشلزم مزدور طبقي جو فلسفو آھي، جنھن ۾ مزدور طبقي جي فطرت جي مظھرن ۽ سماج جي تاريخي نشونما جي خارجي قانونن ۽ ضابطن کي سمجھي سگھجي ٿو ته جيئن ھو ان فلسفي سان مسلح ٿي سماج کي تبديل ڪري سگهي. اھڙي طرح ھي فلسفو دنيا کي سمجھڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. مزدور طبقي جو فلسفو ھئڻ جي باوجود سوشلزم کي مزدورن جي ٻاهران پھچايو ويو آھي. سوشلزم کي اسان مارڪسزم به چئون ٿا، ڇاڪاڻ ته ان جو سڀني کان وڏو استاد ۽ باني ڪارل مارڪس ھو. اصل ۾ ڪارل مارڪس ۽ ان جو ساٿي فريڊرڪ اينگلز، سوشلزم جي اصولن جا باني ھئا. موجوده دور جي سوشلزم کي اسان مارڪسزم ۽ لينن زم چئون ٿا. لينن زم، سامراج ۽ پرولتاري انقلاب جي دور جو آھي، مارڪس ۽ اينگلز کانپوءِ مارڪسزم جي انجراف جو ھڪ دور گذريو، جنھن ۾ ترميم پسندن ۽ ٻي انٽر نيشنل جي ليڊرن مارڪسزم جي شڪل خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان خلاف لينن جدوجھد ڪندي لينن تخليقي شان سان ھڪ ھٽي ۽ مالياتي سرمائي جي دور ۾ مارڪزم کي ترقي ڏني. ھي دور سوشلزم ۽ جمھوري انقلابن ۽ آزادي جي تحريڪن جي سيلابن جو دور ھو.

ڪارل مارڪس کان اڳ ڪيترائي مفڪر  ٿي گذريا آھن جيڪي انسان ذات جا ھڏڏوکي ۽ ھمدرد ھئا جن ڳڻ ڳاڻين ماڻھن جي مٿان مزدور طبقي جي استحصال ۽ تباھي کي محسوس ڪيو، جنھن ذريعي چند ماڻھون دولت ميڙيندا ھئا ۽ باقي ماڻھون مفلسي واري زندگي گذاريندا ھئا. سو ھنن ڪيترائي منصوبا سوچيا ته جيئن ھن به انصافي جو خاتمو ڪري سگھجي، پر جيئن ته ھو بنيادي طرح طبقاتي جدوجھد ۽ مزدور طبقي جي ڪردار ۽ انقلاب جي خارجي قانون کان به خبر ھئا. ان لاءِ ڪو سائنسي حل تلاش نه ڪري سگھيا . يقينن ھنن جا ارادا نيڪ ھئا، پر ھنن جا منصوبا پوري طرح داخلي، غير حقيقي ۽ غير سائنسي ھئا، ان ڪري انھن جي ڪاميابي جي ڪا صورت نه ھئي. ھنن سوشلسٽن ۾ رابرٽ آون، سينٽ سائمن ۽ فوريئر خاص طور تي ذڪر قابل آھن. ھي سوشلسٽ مزدور طبقي لا۽ ڪو انقلابي فلسفو تلاش ن ڪري سگھيا، جنھن سان استحصالي نظام کي سمجھيو ۽ بدلايو وڃي. تنھن ھوندي به سوشلسٽ فڪر جي تاريخ ۾ ھڪ نمايان عزت ڀريو مقام رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته ھنن سڀني کان پھرين سرمائيدار نظام جي ڀرپور مذمت ڪئي۽ ان کي انسانيت لا۽ ھڪ بيمارسمجھيو وڃي ٿو، مزدور جي استحصال، اجرتي غلامي ۽ پيداواري نظام جي مخالفت ڪئي، اھڙي طرح ھو پنھنجي وقت جا برک ڏاھا ھئا پر ان تاريخي دور جنھن ۾ ھي ھئا، ھو ان کان وڌيڪ ڪجھه نه ڪري سگھيا، ان جو ھڪ سبب ھي ھو ته ان وقت جي اقتصادي ۽ سماجي بنيادن تي سوشلزم جي روحاني ۽ ثقافتي ڍانچي کي تعمير ڪرڻ ممڪن ن ھو.

تخيل پرست سوشلسٽن نيڪ عزم ۽ ارادا رکندي ھڪ مثالي سماج پئي چاھيو، ھنن جو خيال ھو ته سرمائيدار طبقو خود ھنن جي غير اصتحصالي منصوبن کي قبول ڪندو، ھنن رابرٽ آون جيڪو خود ھڪ مل جو مالڪ ھو، مزدورن جون ڪيتريون ئي ڪوآپريٽو سوسائيٽيون ۽ مثالي بستيون وسايون پر ظاھر آھي ت سڀ منصوبا ناڪام ٿي ويا.

سنڌ ۾ ۾ سوشلزم يعني مزدور جي حق ۽ ان کي جي اھميت کي ڪا خاطر خواهه موٽ نه ملي، حالانڪه ڪي تحريڪون به ھليون پر تن به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو، ان جو خاص سبب سنڌ جي شھري علائقن ۾ سرمائيدار نظام ۽ ٻھراڙي علائقن ۾ وڏيرا شاھي آھي. حالانڪڪ ذولفقار علي ڀٽو  حڪومت جي سطح تي سرمائيدار نظام کي روڪڻ ۽ مزدور جي اھميت ڏيڻ ۽ غربت گھٽائڻ لا۽ ڪردار ادا ڪيو ويو جنھن جو مثال ھن ڪيتريون ئي فيڪٽريون، ملون سيل ڪري پنھنجي تحويل ۾ ورتيون پر بدقسمتي سان ھن جي ان ڪوشش کي سرمائيدارن ۽ وڏيرا شاھي ھن جي ان ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

سنڌ ۾ ھن وقت ٻه طبقا موجود آھن جن ھڪ شھري علائقا جن ۾ سرمائيداري نظام ٻيو ٻھراڙي علائقا جن ۾ وڏيرا شاھي جو راڄ آھي، سرمائيداري نظام ۾ سنڌ جا شھر ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سڀني کان اڳڀرو آھن، جتي ڪيتريون ئي فيڪٽريون آھن، انھن فيڪٽرين ۾ ھزارين مزدور ڪم ڪري رھيا آھن، پر انھن مزدورن کي اجرت نه ھئڻ جي برابر آھن ۽ ن ئي انھن کي معاشي ۽ طبي سھولتون موجود آھن ان سان گڏوڏ رھائشي ڪالونيون نه ھئڻ جي برابر ۽ ان ئي ان کي سماج ۾ برابري جو حو ڏنو وڃي ٿو.

اڳي ئي ٿيندو ھو ته فيڪٽرين ۾ ليبر يونين جو وجود رهندو ھو ۽ ان يونين ذريعي ان جا حق تسليم ڪيا ويندا ھئا، پر موجودا وقت ۾ ليبر يونين وجود نه ھئڻ جي برابر آھي، جيڪڏھن ڪٿي وجود رکي ٿي ته اتان جي ليبر يونين جا سربراهه وڪامجي وڃن ٿا ۽ سرمائيدارن نظام اڳيان پنھنجا گوڏا کوڻڻ تي مجبور ٿي ٿا وڃن ۽ ائين ڪرڻ سان محنت ڪش مزدور جا حق دٻجي ٿا وڃن.

ھاڻي اچون ٿا سنڌ جي ٻھراڙي طرف جتي وڏيرا شاھي جو راڄ آھي جتي ھاري پنھنجي زندگي غلامن جيان گذاري رھيا آھن، جتي ھاري جي مزدوري ۽ محنت جو صلو اھو آھي ته ھو پنھنجي ساري زندگي غلامن جيان گذاري رھيان آھن، جتي ھاري ۽ مزدور کي ڪا ب اھميت حاصل نه آھي، جتي اسان جي قوم کي وڏيرا شاھي جھالت ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي، انھن کي جيئڻ جو ڪو به حق نه ٿو ڏنو وڃي. جتي سماج ۽ انفراديت ڪو به وجود نه ٿو رکي. جتي مزدور کي ٻج، ڀاڻ، دوا ۽ ذرعي آلات مھانگن دامن تي ۽ وياج تي ڏنو وڃي ٿو ۽ ائين اسان جو مزدور قرضي ٿي وڃي ٿو ۽ انھي قرض

 ۾ ھو ساري زندگي غلامن جيان گذارين ٿا. انھن وڏيرن،انھن مزدورن کان تعليم، صحت ۽ ترقي جا سڀ رستا کسي ڪري پنھنجو غلام بڻاڻي ڇڏيائون، وڏيرڪي نظام جي ڪري سنڌ جي مزدورن جون عزتون محفوظ ناھن ۽ انصاف جي فراھمي به ھنن لاءِ ڪا به معني نٿي رکي. ھنن ظالم وڏيرن ھنن مزدورن کان پاڻي، بجلي، گئس سڀ ڪجھه کسي ڇڏيو آھي.

جيتوڻيڪ ڏسجي ته سنڌ ۾ جيڪي به تحريڪون ھليون ان ۾ محنت ڪش کي صرف ۽ صرف استعمال ڪيو ويو، انھن کي ڪي به حق نه وٺي ڏنا ويا ۽ انھن کي اڳتي به نه اچڻ ڏنو ويو. ھن وقت مزدور طبقي جي وارثي ٿي رھي اھي انھن ۾ سوشل ميڊيا جو ڪردار تمام مٿانھون آھي، مسئلا ھائلائيٽ ٿين ٿا، ڪيتريون تنظيمون به ٺھي چڪيون آھن، ڪيترائي سوشل ميڊيا تي پيج به ٺھي چڪا آھن، جيڪي ھر وقت سنڌ جي مالڪي ڪري رھيا آھن.

ھاڻي اسان سڀني کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پنھنجي سھڻي سنڌ کي خوشحال ڪرڻو پوندو، شيخ اياز جي سنڌ کي تعليم يافتا ڪرڻو پوندو، سامي جي سنڌ جي مظلومن ھارين، نارين کي وڏيرا شاھي کان آزاد ڪرڻو پوندو، صوفين جي ڌرتي ۾ آخر ته ايندي خوشحالي، نيٺ صوفين جي ڌرتي تي خوشحالي جو سج اڀرندو، اھو وقت پري ناھي، اھو ٽائيم ضرور ايندو، بس ھن جوڳين کي جاڳڻو پوندو، سوچڻو پوندو، شاھه لطيف جي سنڌين کي صحيح چونڊ ڪرڻي پوندي، ھوشو جي سنڌين کي ھن وڏيرا شاھي جھڙي موذي مرض کان جان ڇڏائڻي پوندي.

                                                                                        ليکڪ : عبدالباقي بلوچ