سنڌ ۾ سنڌين جي حيثيت ڪشمير ۾ ڪشميرين جھڙي بہ ناھي

   ڪشمير ۽ سنڌ    ليکڪ : امير ڀنڀرو
سڄو ملڪ ڪشمير جو ڏھاڙو جوش ۽ جذبي سان ملھائي پيو
پر ھي سنڌ جنھن جي تقدير جا فيصلا اسلام آباد جا خدا ڪن ٿا
سنڌ ۾ سنڌين جي حيثيت ڪشمير ۾ ڪشميرين جھڙي بہ ناھي
حالت اھيا آھي جو سنڌ حڪومت آئي جي پوليس نٿي تبديل ڪري سگھي سنڌ مڪمل ڪالوني آھي وفاق جي سنڌ غلامي جي برترين دور مان گذري پئي اھيو ڪنھن کي ڇو نٿو نظر اچي..؟
ڪشمير تي پٽڪو ڪندڙن کي رياستي ٽارچر سيلن ۾ سنڌ جا عاشق قومي ڪارڪن ڇو نٿا نظر اچن جنھن وحشي درندا غير انساني تشدد ڪري لاش جي روپ ۾ روڊ تي اڇلائين ٿا يا زندھ انسانن کي ساڙي راک ڪري سنڌين کي تحفا ڏين ٿا سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ روز جو مامول بڻي جي ويو آھي رياستي ادارا جنھن کي چاھين کنڀي گم ڪن ٿا سنڌ جي ھر گھر ۾ ماتم آھي سنڌ سرپا احتجاج آھي سنڌ قدرتي وسيلن سان جيڪا مالا مال آھي جيڪي وسيلا مالي غنمت سمجھي ڏينھن رات لوٽي رھيا آھن ۽ سنڌ جا وارث بک ۾ تڙپر تڙپي مري رھيا آھن ڇا ڪشمرين سان اھڙي حالت آھي ڪشمير ۾ ھندوستان جو ٻيو شھري خريدوفروخت سياست نٿو ڪري سگھي ڪشمير ۾ ووٽ جو بہ عام ھندوستاني کي ناھي پر سنڌ پر عالمي يتيم خانو آھي پاڪستان جي ٻين صوبن کان سوا دنيا جا دھشتگرد سنڌ ۾ آباد ڪيا پيا وڃن لکي ايڪڙ زمين فري ۾ ڏئي منظم تريقي سان غير سنڌين کي آرگنائيز ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي حق جي آواز بلند ڪندڙن کي غدار ڪافر را جو ايجنٽ جا الزام ھڻي خاموش ڪرائيڻ جون ڪوششون ڪيو وينديو آھن جنھن جو مثال سائين جي ايم سيد آھي جنھن کي 32 سال قيد ڪيو ويو آھي مسلسل جدوجھد جي علامت سنڌ جي ارڏي پٽ بشير خان کي شھيد ڪيو ويو سنڌ نيشنل پارٽي سميت سنڌ جي مختلف قومپرست جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو پر رياستي جبر ۽ ظلم حق سچ جي آواز کي ڌٻائي نہ سگھيو آھي ڪشمير ڪشمير ڪندڙن کي عرض آھي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين ظلم جبر تي بہ آواز اٿارين اسان ڪشمير سميت دنيا جي ھر مظلوم تي ٿيندڙ ظلم پاڻ تي سمجھون ٿا ڀارت جيڪو سيڪولر جھموريت پسند ملڪ سڏائي ٿو اسان ان جي مذھبي انتھاپسندي سامراجي سوچ ۽ مظلومن قومن تي ظلم ڪندڙ چھري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيو ٿا ۽ اقوام متحدا کان گھر ڪيو ٿا ڪشمير سميت دنيا جي مظلوم قومن تي ٿيندڙ ظلم جو نوٽس ورتو  وڃي جيئن انسان ھن خوبصورت دنيا ۾ آزاد حيثيت ۾ زندگي گذاري سگھي