سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائلن خلاف احتجاجي مظاهرا، ڌارين جي فوري نيڪالي جو مطالبو

حيدرآباد:- سنڌ پروگريسو ڪاميٽي جي اڳواڻن ڪوڙن ڊميسائيلن ۽ ٿر ڪول منصوبي کي سنڌ جي مفادن خلاف ستر سالن کان رياستي سطح تي ٿيندڙ سازشن جي ڪڙي قرار ڏيندي، انهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سنڌ پروگريسو ڪاميٽيءَ جي ڪنوينئر ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي،  ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري  جنرل امداد قاضي، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهو، عوامي جمهوري پارٽي جي صدر وشنومل  پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب جي  ماڻهن کي مختلف طريقن سان ڊوميسائيل جاري ڪرڻ جو سلسلو گذريل 70 سالن کان جاري آهي، جنهن جي خلاف سنڌ جا ماڻهو قانوني ۽ سياسي طريقي سان آواز اُٿاريندا رهيا آهن. ان عمل سان هڪ طرف سنڌ جي نوجوانن جي تعليم ۽ ملازمت جي حقن تي ڌڙا لڳن ٿا  ته ٻي طرف سنڌ ۾  ٻاهرين آبادڪاريءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو جيڪا اڳ ئي خطرناڪ  حد تائين پُهچي چڪي آهي. انهن گُهر ڪئي ته سرڪاري ڪاموري بدران ڪنهن ناليواري، اهل ۽ ايماندار جج جي اڳواڻي ۾ ڪاميٽي جوڙي وڃي. ، جيڪا سڄي سنڌ جي ريڪارڊ جو جائزو وٺي غلط ۽ ڪوڙا ڊومييسائيل ٺاهيندڙ  ڏوهارين جو تعين ڪري. ان کان پوءِ نه رڳو اُهي ڪوڙا ڊوميسائيل رد ڪيا وڃن پر انهن جي بنياد تي ڏنل نوڪريون ۽ داخلائون ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڏوهارين کي سزا به ڏني وڃي. سنڌ پروگريسو ڪاميٽي جي اڳواڻن چيو ته ٿر ڪول منصوبو ٿر جي مقامي ماڻهن جي زمين کسڻ کان علاوه قُدرتي ماحول جي تباهي ۽ انسانن ۾ سنگين بيمارين جو ڪارڻ آهي. جنهن خلاف سنڌ پروگريسو ڪاميٽي سالن کان آواز اُٿاريندي رهي آهي. عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ اداري توانائي ۽ صاف هوا بابت تحقيق جي مرڪز جي تازو جاري ڪيل رپورٽ،  ٿر ڪول منصوبي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي ننگو ڪري ظاهر ڪيو آهي. رپورٽ مطابق ان منصوبي جي 30 ساله زندگيءَ دوران 29000  ماڻهو موت جو شڪار جڏهن ته هڪ لک کان وڌيڪ سنگين بيمارين ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا، 40 هزار دم جي مريضن جي حالت خراب ۽ 20 هزار ٻارن ۾ دم جي بيماري پيدا ٿيڻ کان علاوه 57000 ٻار وقت کان اڳ پيدا ٿي سگهن ٿا. اڳواڻن چيو ته ٿر ڪول منصوبي جون تباهيون ٿر جا ماڻهو برداشت ڪندا. جڏهن ته ان جا فائدا اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي  جا ظاهر توڙي غائب حڪمران ۽ سندن سرپرستي ڪندڙ عالمي ڪمپنيون کڻنديون . انهن چيو ته  ترقي يافته دنيا ڪوئلي تي هلندڙ پلانٽ بند ۽ ختم ڪري رهي آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ سنڌ حڪومتون اُهي هاڻ شروع ڪري رهيون آهن. انهن مطالبو ڪيو ته ٿر ڪول منصوبو فوري طور بند ڪري، توانائي جي ماحول دوست ذريعن ڏانهن وڃجي  ۽ مقامي ماڻهن کي ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جو عالمي معيار مطابق معاوضو ڏنو وڃي. سڪرنڊ بوائز ڊگري ڪاليج جي شاگردن طرفان سنڌ ۾ جاري ٿيندڙ ڊوميسائل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سڪرنڊ ۾ ڊگري  ڪاليج جي شاگرد اختيار علي ڪيريو , مير محمد ڪيريو,شمس الدين ڀٽو, وسيم جمالي جي اڳواڻي ۾ صحافي چوڪ کان سڪرنڊ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڊي وئي مظاهري کي ختاب ڪندي شاگردن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي لکن جي تعداد ۾ جعلي ڊوميسائل جاري ڪيا وڃن ٿا ۔ جنهن سان سنڌ جي نوجوانن جي حقن جو استحصال ٿئي ٿو نه صرف نوڪرين ۾ پر ڪاروبار ۽ ملڪيت خريد ڪرڻ ۾ پڻ جعلي ڊوميسائل جو استعمال ڪيو ٿوڃي ٿو۔ مظاهر ۾ جيئي سنڌ محاذ ۾ جساف طرفان مجد ڀٽو,منور ڪلي عمراڻي, سڪرنڊ فلاحي فورم جي محمد علي سولنگي, شاگرد تعليم دوست اسرار کوسو, سليم کيڙو شرڪت ڪئي۔ سڳيون سڳيون ۾ سماج سڌارڪ فورم جي اڳواڻ ڪفالت الله شيخ جي اڳواڻي ۾ سوڀوديرو، ھنڱورجا، سمي، نواڙو سڳيون جي نوجوانن عبدالوحيد لڪ، ايڊووڪيٽ وقار پٺاڻ، تسليم احمد ڪوري، الفت علي سهتو، غلام ڦريد عباسي، عامر علي چنہ، سيد آصف علي شاھ،  احسن حسين عباسي، عبدالرزاق کرل، ڪامريڊ غلام قادر چنہ، منيرعلي ملاح، شفق کوکر، منصور کھڙو،سيد محسن شاھ، زاهد شيخ، سفير سامٽيو،سلام سولنگي، صدرحطار،اويس عباسي ۽ٻين سڳيون پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي رهبر چوڪ تائين سخت ناري بازي ڪئي ان موقعي تي سماج فورم جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ سنڌ گورنمينٽ جي سرڪاري آفيسرن رشوت عيوض هردور۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل ٺاهي سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هيو آهي، هنن وڌيڪ چيو تہ بوگس ڊوميسائيل، پي آرسي. ڊي. فارم رد ڪيا وڃن، جعلي ڊوميسائيل تي برٿي ٿيلن کي ھٽايو وڃي ۽ ملوث سرڪاري آفيسرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي جعلي ڊوميسائيل ٺاهي سنڌين کي ديوار سان لڳايو ويو آهي، هنن سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو تہ جيڪڏ هن ڌارين ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل رد نہ ڪيا ويا تہ سموري سنڌ  مان سماج سڌارڪ فورم طرفان احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. رتوديرو ۾ جساف ڊگري ڪاليج رتوديرو طرفان جعلي ڊوميسائيل ٺاهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين ڊگري ڪاليج کان احتجاج ريلي ڪڍي پريس ڪلب پهتا جتي سخت نعريبازي ڪئي ۽ علامتي بک هڙتال پڻ ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن زبير ڀٽو . علي رضا عارباڻي . عبدالرحمٰن قريشي . انصار چنه . غلام قادر چنه . ۽ مبشر علي خطاب ڪندي چيو ته ڌارين کي سنڌ جا ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ٺاهي ڏيڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪيون ٿا ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ جا ڊوميسائيل ٺاهي ڏيڻ سنڌين جي حقن تي ڌاڙو تصور ڪيون ٿا هن وقت سنڌي قوم سجاڳ آهي ۽ اسين هن وقت پنهجي حقن لاء روڊن تي نڪتا آهيون سنڌ جي ڊوميسائيل تي وڏي تعداد ۾ ڌاريا نوڪريون ڪن ٿا جڏهن ته ڌرتي ڌڻي بکون ڪاٽن تي مجبور بڻيل آهن ۽ بي روزگاري سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن هنن مطالبو ڪندي چيو ته سڄي سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيلز جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي کي رد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي . خيرپورناٿن شاهه ۾ ڌارين کي  ڊوميسائيل جاري ٿيڻ خلاف مختلف تنظيمن جمعيت علماءِ اسلام ۽ ايس ٽي پي پاران حافظ انور کوهارو، سڪندر کوکر، فدا حسين چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مدينه مسجد کان پريس ڪلب تائين هٿن ۾ پلي بينر ڪارڊ کڻي ڌار ڌار احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته سنڌ صوبي سان نا جائزي آهي سنڌ جي اهل محنتي شاگردن جي جاءِ تي ٻاهرين صوبن جي ماڻهن کي ڊي سيز ۽ انهن جا سهولتڪار سندن کي ڊوميسائيل جاري ڪرائين ٿا جنهن سان مقامي ذهين شاگرد ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي حق کان محروم آهن. جيڪي سلسلو ختم ڪري ڪوڙن ڊوميسائيل رد ڪري ۽ جاري ڪندڙن کي وائکو ڪري سندن کي سخت سزائون ڏنيو وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيا ويندا. سنڌ سوشل فورم  تعلقه سوڀوديرو پاران جعلي ڊوميسائيل ۽ جعلي شناختي ڪارڊ ڌارين کي ٺاھي ڏيڻ خلاف سنڌ سوشل فورم تعلقه سوڀوديرو جي آفيس کان تعلقه پريس ڪلب سوڀوديرو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي سنڌ سوشل فورم جي مرڪزي سينيئر نائب صدر سيد زوھيب شاھ بخاري سنڌ سوشل فورم تعلقه سوڀوديرو جي  اڳواڻن ضلعي اڳواڻ زوار ٻڍل خان سھتو تعلقي صدر محمد عرس سھتو جنرل سيڪريٽري وزير حسين سومرو   محمد اويس سومرو سينيئرنائب عبدالرئوف سومرو نائب صدر لعل ڏنو ملاح ريحان سھتو ميمبر مھتاب سومرو  عرفان علي سومرو عبدالطيف سومرو جرنل سيڪريٽري ھنگورجا سٽي بلال احمد دايو سينيئر نائب صدرھنگورجا مظھر دايو حسن پٺاڻ ميمبر شھباز سھتو ميمبر سيد انور شاھ شعيب شاھ امير شاھ ڪامريڊ حاڪم منگي عرفان ملاح الاھي بخش سھتو حاجي ڪوڙل شيخ ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي  تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائل ۽ جعلي شناختي ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ سنڌين جي حقن تي سڌو سنئون ڌاڙو آھي جيڪو ھرگز برداشت نه ڪيو ويندو مظاھرين حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جعلي ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ فورن ختم ڪري ملوث آفيسرن ۽ عملي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو  ٻئي طرف سنڌ اسٽوڊنٽس ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن يونٽ سوڀوديرو جي اڳواڻن منصور احمد کھڙو علي رضا ڀٽو عاشان حيدر، حسيب احمد، محمد مجتبىٰ کھڙو ۽ ٻين پاران پڻ جعلي ڊوميسائيل ۽ جعلي شناختي ڪارڊ ڌارين کي ٺاھي ڏيڻ خلاف جي ايم سيد چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھروڪيو ويو، ڪڍڻ ڌارين کي ڪوڙا ڊوميسائيل جاري ڪري نوڪريون ڏيڻ خلاف ڪڍڻ جا نوجوان سراپا احتجاج, ضلعي انتظاميه خلاف پلي ڪارڊ کڻي سخت نعري بازي, بدين ضلعي مان جاري ڪوڙن ڊوميسائيل رد ڪرڻ جي گھر, تفصيل موجب ڪڍڻ ۽ ڀرپاسي جي نوجوانن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي ڊاڪٽر عرفان چانڊيو,حسن علي شاھ, نقاش لطف جمالي, دانش خاصخيلي, سڪندر عظيم نوتيار, نواز علي گھراڻو,سدام حسين سيلرو,ڪفايت حسين خواجه ۽ ٻين چيو ته سنڌ سميت ضلعي انتظاميه ۾ ويٺل ڪرپٽ ماڻھن سوين ڪوڙا ڊوميسائيل جاري ڪري بدين واسين جي حقن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن اڄ به ايجنٽ مافيا ڪرپٽ ڪامورن سان شامل ٿي ڪاري ڌندي ۾ سرگرم آھي انهن مافيا جي ايجنٽن کان ڪير به پڇڻ وارو نه آھي ھنن چيو ته رشوت تي ٺھندڙ ڪوڙن ڊوميسائيل کي ڳجھ ڳوھ ۾ ھٿو ھٿ جاري ڪيا وڃن ٿا پر مقامي نوجوان رلايو وڃي جن جو حق آھي انھن کي ڊوميسائيل ٺھرائيڻ لاء وڏي رشوت ڏيڻ باوجود وڏو عرصو لڳي ٿو ڪوبه رشوت کان سوائي ڊوميسائيل نٿو ٺھي آخر ۾ ھنن وزيراعلي سنڌ چيف سيڪريٽري سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته ضلعي بدين ۾ ڪوڙا ڊوميسائيل جاري ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪاروائي ڪري ۽ ڪوڙن ڊوميسائيلن تي ملازمت ڪندڙ غيرمقامي ماڻھن کي برطرف ڪري بدين ضلعي جي مقامي نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي نوٽيس نه ورتو ويو ته سڄي سنڌ سراپا احتجاج ھوندي، قاضي احمد ـ سنڌ اندر جعلي ڊوميسائيل ٺاھي ڏيڻ واري عمل خلاف قاضي احمد ۾  يوٿ يونائيٽيڊ سنڌ پاران سماٽ سي اين جي وٽان  ڪامران علي چانڊيو. ملنگ جتوئي .امر آڪاش لاکو. ذوھيب سنڌي. ڄام ڪاشف انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو ريلي ۾ شھرجي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن  شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي شھري جي مختلف چونڪن رستن تان ٿيندي تعلقي پريس ڪلب پھتي جتي ريلي ۾  شريڪ مظاھرين  جعلي ڊوميسائيل نامنظور جعلي ڊوميسائيل ٺاھڻ بند ڪيو. سنڌ جي حقن تي ڌاڙا ھڻڻ بند ڪيو جا زوردار نعره ھنيا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جعلي ڊوميسائيل  ٻين صوبن مان آيل ماڻھن کي ٺاھي ڏيڻ ۽ انھن جعلي ڊوميسائيلن تي نوڪريون ڏيڻ سنڌ جي نوڪرين  ۽ حقن تي  ڌاڙو آھي  ڪوڙا جعلي ڊوميسائيل فل فور رد ڪيا وڃن ۽ ڌارين کي نوڪرين مان برطرف ڪيو وڃي سنڌ اندر سنڌي نوجوان پڙھيل لکيلن کي نوڪريون ۽ پنھنجا حق  ڏنا وڃن، ڏهرڪي ۾  مسلم ليگ (ن) ليڊيز ونگ جي ضلعي آفيس ۾  مسلم ليگ ن ليڊيز ونگ ضلعي گهوٽڪي جي صدر ميڊيم هير علوي جنرل سيڪٽري ميڊم نجمه سومرو سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ضلعي گهوٽڪي سميت صوبي ۾ مقرر مختلف ضلعن جي ڊي سيز ۽ ايس ايس پيز جي ملي ڀڳت سبب ڌارين کي رشوت عيوض جعلي ڊوميسائيل جاري ڪري کين صوبي ۾ نوڪريون ڏنيون پيون وڃن جيڪو  مقامي ضلعي ۽ سنڌ واسين جي حقن تي تي ڌاڙو آهي هن چيو ته  ضلعي گھوٽڪي ۾ نياڻين جي تعليم اڳ ئي نالي ماتر آهي ويتر انھن جي حقن تي ڌاڙو ھڻي نوڪريون پنجاب ڪي وي ڪي سميت ٻين صوبن جي ڇوڪرين کي ڏنيون پيون وڃن جنهن جي اسان پر زور عمل ۾ مزمت ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو بنا دير جي هن اهم معامري جو نوٽس وٺي ڌارين کي رشوت عيوض جعلي ڊوميسائيل ڏيندڙ آفيسرن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف ڪاروائي ڪري جعلي ڊوميسائيل رد ڪري ڌارين کي نجي توڙي سرڪاري نوڪرين کان برطرف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مسلم ليگ ن ليڊيز ونگ طرفان احتجاج جو سلسلو جاري ڪيو ويندو، شر اتحاد ضلع نواب شاھ طرفان سنڌ م ڪوڙا ڊوميسائل جاري ڪرڻ خلاف پريس ڪلب ڄام صاحب آڏو مرتضي شر محب علي شر عزيز جان شر رسول بخش جي اڳواڻي م احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي شر اتحاد اڳواڻن جو چوڻ ھو تـ ڪوڙا ڊوميسائيل جاري ڪري سنڌ جي وسيلن جي فرلٽ بعد ھاڻي سنڌ جي ماڻھن کان روزگار کسيو پيو وڃي سنڌ جا ماڻھو ڪنھن بـ صورت م اھڙي ناانصافين خلاف چپ ڪري نـ ويھندا اسان اعلي حڪام کان گھر ٿا ڪريون تـ ڪوڙن ڊوميسائلن کي رد ڪري  نوڪرين ۽ تعليمي ادارن مان انھن کي نيڪالي ڏني وڃي ٻي صورت م اسان جو احتجاج جاري رھندو ، قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ جعلي ڊوميسائيلن جي سلسلي ۾ سجاڳ فورم جي سڏ تي سول سوسائٽي جي وفد سيد اخلاق شاهه، وڪيل نواب الدين چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڊي سي قمبر جاويد جاگيراڻي سان ملاقات ڪري ضلعي ۾ 2013 کان ٺاهيل ڊوميسائيلن جي جاچ پڙتال ڪري ڌارين کي جاري ڪيل جعلي ڊوميسائيلن جي لسٽ  پڌري  ڪرڻ لاءِ چيو ويو جنهن تي ڊي سي قمبر وفد کي يقين ڏياريندي چيو ته اسين ڊوميسائيلن جي جاچ ڪري رهيا آھيون شڪي جعلي ڊوميسائيل ظاهر ٿيا ته انهن جي نالن جي لسٽ پڌري ڪئي ويندي، ڪنڌڪوٽ جي ٽي آء ضلعي ڪشمور جي جنرل سيڪريٽري عرفان علي کوسو پريس بيان جاري ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ ٻاھرين ماڻھن کي جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺاھي ڏيڻ ۽ انھن کي سنڌ ۾ ڀرتي ڪرڻ افسوسناڪ عمل آھي جيڪو سراسر سنڌي نوجوانن جي حقن تي دھاڙو آھي ۽ اھو عمل ڪنھن به صورت ۾ برداشت ناھي سنڌ ۾ ٻاھرين صوبن جي ماڻھن کي ڀرتي ڪرڻ خلاف  نوجوانن جي حقن خاطر جي ٽي آء جا نوجوان سڄي سنڌ جي اندر سراپا احتجاج بڻيل آھن اسان جا سنڌي نوجوان تعليم يافته ھجڻ باوجود نوڪري نه ھجڻ سبب پاڻ ساڙڻ تي مجبور آھن بيروزگاري سبب نوجوان ڊگريون کڻي روڊن تي خدڪشي ڪن ٿا پيا اسان مطالبو ڪيون ٿا ته جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺاھڻ بند ڪيو وڃي ٺاھيندڙ ٺھرائيندڙ ۽ انھن جا سھولت ڪر سنڌ دشمن عناصرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ جعلي طريقي سان ڀرتي ٿيل ماڻھن کي جلد عھدن تان ھٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسي، هنڱورجا ۾ سنڌي ادبي سنگت،سوشل فورم، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ شهرين پاران سنڌ ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ واري عمل خلاف ساس جي مرڪزي اڳواڻ ڄام محبت علي سهتو، ايس ٽي پي اڳواڻ ظهير ميمڻ، ڄام مهدي رضا، ايڊووڪيٽ سعيد احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مڇر چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو احتجاج ڪندڙن چيو ته هڪ منظم سازش تحت سنڌ ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائل جاري ڪري سنڌ جي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو جيڪا وڏي ناانصافي آهي هنن چيو ته جعلي ڊوميسائل، جعلي شناختي ڪارڊ رد ڪري جعلي ڊوميسائلن تي نوڪرين ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، دڙي ۾ نوجوان اتحاد جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن عوامي تحريڪ، جسقم ۽ ٻين پاران عامر ميمڻ ،عزيز ميمڻ ،انور ملاح ،ڪامريڊ عزيز سومرو ،شوڪت سومرو ۽ امجد مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ سزوڪي اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڌارين کي غيرقانوني طور جعلي ڊوميسائل جاري ڪري سنڌي نوجوانن جي حقن تي راتاهو هنيو پيو وڃي جيڪا سراسر ناانصافي آهي هنن مطالبو ڪيو ته جعلي ڊوميسائل رد ڪري ڪدي ڪم ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي سنڌ ۾ جعلي ڊومسائيل ٺاهڻ خلاف خيرپور جي سول سوسائٽي ۽ وائيس آف خيرپور ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو،ان موقعي تي مظاهري ايڊوڪيٽ شير دل زاهد خان ڦلپوٽو،وڪيل علي احمد ميمڻ ،شبير جمالي،فياض خميساڻي،ميڊمه شهناز شيخ،فرحت الله ڦلپوٽو،شهباز،تنويراحمد،عزيز سومرو،زمان ميراڻي، مجاهد علي،سراج سومرو ۽ ٻين چيو آهي ته جعلي ۽ ڪوڙا ڊوميسائيل ڪو ننڍو مسئلوناهي. سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيل ٺاهي سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، جيڪا ڪنهن به صورت برداشت نه ڪنداسين،هنن چيو ته سنڌ ۾ 13 سالن کان مسلسل پ پ پ جي حڪومت رهي آهي ۽ سنڌين کي غلام رکڻ جي لاء سنڌ ۾ ڌاريا آفيسر لڳايا ويندا آھن .جيڪي پنهنجي مائٽن کي جعلي ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ٺاهي انھن جي سفارش ڪرائي سنڌ جي ڪوٽا تي کڻائيندا آھن.انھن آفيسرن جو ڪم وڏيرن، ميرن، پيرن ۽ سردارن کي خوش رکڻ ۽ پڙھيل لکيل سنڌي کي پوئتي ڪرڻ ھوندو آھي. هنن چيو ته سنڌين جا حقن وڪرو ڪيا ويا آهن،هن چيو ته بوگس ڊوميسائل،پي آر سي،ڊي فارم رد ڪيا وڃن. جعلي ڊوميسائيل تي ڀرٿي ٿيلن کي هٽايو وڃي، جعلي ڊوميسائيلن ۾ ملوث سرڪاري آفيسرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي،هنن چيو ته هل پاسي سازش تحت سنڌ ۾ آئيل ۽ گئس ڪمپنين ۾ اڪثرين سان پنجابي ڀرٿي ڪيا ويا آهن،ٻئي پاسي سنڌين جي ڪوٽائي تي جعلي ڊوميسائيل رکندڙن کي ڀرٿي ڪري سنڌين کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي،هنن چيو ته جعلي ڊوميسائيل خلاف سنڌ حڪومت تحرڪ نه ورتو ته سنڌين جي حقن لاءِ ڀرپور تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو، جيڪو سنڌين کي انصاف ملڻ تائين جاري رهندو، سنڌ ۾ ڌارين کي ڪوڙا ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف جمال شاھ جي سول سوسائٽي ۽ نوجوان اتحاد پاران ڊاڪٽر عرفان علي مشوري، راشد حميد ڏاھري ۽ ڪامريڊ شعيب زرداري جي اڳواڻي ۾ رڪشا چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو  ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي حقيقي ماڻهن جا حق ڦٻائڻ لاءِ مسلسل سازشون ٿينديون رهيون آهن هنن چيو ته وفاقي توڙي صوبائي کاتن ۾ سنڌي ماڻهن کي نوڪريون نه ٿيون ڏنيون وڃن، مٿان وري ڌارين کي سنڌ جا ڊوميسائيل جاري ڪري ويساھ گهاتي ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته اسان ڪوڙن ڊوميسائيل ٺاهڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته جعلي ڊوميسائيل رد ڪري سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪيا وڃن ۽ ڪوڙا ڊوميسائيل جاري ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.