سنڌ ۾ برسات ۽ سِم نالن کي گهارن جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل علائقن ۾ پوليو مهم بدترين نموني متاثر

ڪراچي :- سنڌ ۾ برسات ۽ سِم نالن کي گهارن جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل علائقن ۾ پوليو مهم بدترين نموني متاثر، جاتي ۾ برسات ۽ سِم نالن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف 12 ڳوٺن ۾ پوليو مهم جو بائيڪاٽ، ساڍا 300 کان وڌيڪ ٻارڙا پوليو کان بچاءُ جي ڦُڙن کان محروم، ڳوٺاڻن چيو آهي ته ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڪيترائي خاندان گدلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، انتظاميا جي لاپرواهي ڪيترين ئي زندگين کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو، پاڻي نيڪال ۽ متاثرن جي سار لهڻ تائين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئاريا ويندا، سنڌڙي تعلقي جي به پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن جي متاثرن چوٿين ڏينهن به احتجاج طور ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، 300 کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ بنا ٽيمون واپس، ضلعي انتظاميا ۽ ڊبليو ايڇ او جا نمائندا انڪاري والدين کي قائل ڪرڻ لاءِ سنڌڙي پهچي ويا، متاثرن شرط رکيو آهي ته ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪري متاثرن ڏانهن امدادي ٽيمون اُماڻيون وڃن، اُن کانپوءِ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئاريا ويندا، غوثپور ڀرسان ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين بُنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج طور پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، والدين طرفان هڪ سئو کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن چيو آهي ته جديد دور ۾ به بُنيادي سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن، سهولتون ملڻ بعد ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئاريا ويندا