سنڌ ۾ڪورونا وائرس جي متاثرين لاءِ آءِ ايڇ ايس پاران وڌيڪ ڪورينٽن،آئسوليشن قائم ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي

حيدرآباد := سنڌ ۾ڪورونا وائرس جي متاثرين لاءِ وڌيڪ ڪورينٽن،آئسوليشن سينٽر ۽ اسپتالن ۾انتهائي نگھباني يونٽ ( آءِ سي يو) ٺاهڻ لاءِ اينٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز ( آءِ ايڇ ايس ) پاران سنڌ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي هدايتن تي شروعات ڪري ڇڏي آهي. آءِ ايڇ ايس جي آپريشنل هيڊ طاهر عباس ان ڏس ۾ورتل اپائن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه جي هدايتن تي سنڌ جي صحت جي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو هڪ گڏجاڻي ۾ صحت کاتي جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر آءِ ايڇ ايس کي ليبر ڪالوني سکر، سنڌ گورنمينٽ اسپتال ڪوهسار حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هڪ سئو بسترن تي آئسوليشن ايريا ۽ اسپتالون جڏهن ته تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال ميرپور ماٿيلو ۾ 50 بسترن جو آئسوليشن سينٽرٺاهڻ جو چيو ويو آهي. ان سان گڏ تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال گھوٽڪي ۾ 15 بسترن جو آءِ سي يو ۽ 25 بسترن جو وڌيڪ پيچيده ڪيسن لاءِ هاءِ ڊپينڊنسي يونٽ (ايڇ ڊي يو) قائم ڪيو ويندو. طاهر عباس وڌيڪ ٻڌايو ته ڪوهساراسپتال حيدرآباد ۾ قائم ڪيل 100بسترن جي آئيسوليشن ۽ ڪورينٽن ايريا باقائده ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جنگي بنيادن تي ڏينهن رات هڪ ڪري وڏي ڀڄ ڍڪ سان هتي داخل ٿيندڙ مريضن ۽ هيلٿ اسٽاف جي ذاتي حفاظت لاءِ گائون، گلوز، سرجيڪل ماسڪ، سينيٽائيزر ۽ سيفٽي ڪٽس مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو اسانجي اداري پاران باوجود هر سطح جي هيلٿ سپلاءِ ڪندڙ ادارن تائين پهچڻ جي، ايڏي وڏي عالمي ۽ ملڪي ليول تي موجود اڻهوند سبب هڪ ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ٻئي طرف ان صورتحال جو صحيح ادارڪ نه رکندڙن جي اڻ کٽ مطالبن جو لاڳاپيل اٿارٽيز کي فوري طور پورائو ڪرڻ گھرجي. جيئن وڏي تعداد ۾ ايندڙ ڪورونا مريضن جي حفاظت ۽ علاج جي بندوبستن کي يقيني بڻائي سگھجي. طاهر عباس اها پڻ اميد ڏيکاري گھربل ضرورتن جي پورائي سان جلدئي مٿين ڄاڻايل باقي هيلٿ فيسلٽين ۾ به آئسوليشن ۽ ڪورينٽن ايريا مڪمل ڪيا ويندا، جيئن جلد ئي انهي وبا مان عوام جي جان آجي ڪرائي سگھجي.