سنڌ ۽ پنجاب ۾ نوان ڪيس: ملڪ ۾ انگ 990 ٿي ويو ڪورونا وائرس

 ڪراچي ۾ وڌيڪ 11 نوان ڪيس، سنڌ ۾ انگ 410۽ ملڪ ۾ 990 ٿي ويو. ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس سبب لوڪل ٽرانسميشن جا وڌيڪ 3 ڪيس سامهون آيا آهن، اڄوڪي ڏينهن 11 ڪيس سامهون اچڻ بعد ڪراچي شهر ۾ ڪيسن جو انگ 144 ٿي ويو. سکر جي زائرين مان 265 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي، هڪ ڪيس دادو ۾ رپورٽ ٿي چڪو آهي، اهڙي ريت سڄي سنڌ اندر ڪورو وائرس جي ڪيسن جو مجموعي انگ 410 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ وڌيڪ 40 ڪيسز ظاهر ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ متاثر مريضن جو انگ 78 ٿي ويو آهي، ان کان علاوه پنجاب ۾ وڌيڪ 29 ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي اندر انگ وڌي 296 تائين پهچي ويو آهي، بلوچستان ۾ 110، گلگت بلتستان 80، اسلام آباد 15 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي، پنجاب ۾ هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ کانپوءِ پوري ملڪ ۾ مجموعي طور فوتين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو آهي، لاهور جي ميئو اسپتال ۾ علاج هيٺ 57 سالن جو شهري ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو.