سنڌ ڪابينا 14 ارب رُپين جي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري، هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي تائين ڪڻڪ جي منتقليءَ لاءِ ٻورين تي ڪوڊ لڳايا ويندا

ڪراچي :- سنڌ ڪابينا هڪ ڀيرو ٻيهر ڪڻڪ جو امدادي اگهه مقرر نه ڪري سگهي: فلور ملز تي ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ تي پابندي ۽ پاسڪو کان 14 ارب رُپين جي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران خوراڪ کاتي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي سرڪار طرفان ڪڻڪ جو امدادي اگهه 13 سئو 65 رُپيا في مڻ ڪيو ويو آهي، وفاقي ڪابينا طرفان حتمي منظوري ڏني ويندي. اُن تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي سرڪار طرفان هڪ دفعو امداد اگهه مقرر ڪيو وڃي، اُن کانپوءِ سنڌ ۾ ڪڻڪ جو امدادي اگهه مقرر ڪيو ويندو. ڪڻڪ جي پوکي هاڻي هڪ ڏکيو ڪم ٿي ويو آهي، تنهن ڪري امدادي اگهه به اُن حساب سان مقرر ڪيو ويندو.سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي تائين ڪڻڪ جي منتقليءَ لاءِ ٻورين تي ڪوڊ لڳايا ويندا، ڪنهن به فلور ملز ۾ ذخيرو ڪرڻ جو سينٽر نه هوندو ۽ نه ئي فلور ملز ڪڻڪ ذخيرو ڪري سگهنديون. ڪابينا 14.410 ارب رُپين جي 1.4 ملين ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته خريد ڪيل ڪڻڪ ڪنهن به صورت ۾ خراب نه ٿيڻ گهرجي، پروڪيورمينٽ سينٽرز تي رڳو اهڙا آفيسر مقرر ڪيا وڃن، جن خلاف ڪوبه ڪيس نه هجي. ڪابينا جي سب ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اُها بارداڻي جي ورڇ لاءِ نئون مڪينزم جوڙي، ائين ڪرڻ سان ننڍن آبادگار کي فائدو ٿيندو.