سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪرڻ تي غور، 3 وزيرن جا قلمدان تبديل ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي :- مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا ميمبرز جو غير رسمي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا ۾ ڦير ڦار تي غور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيرن کي اعتماد ۾ وٺڻ بعد وڏو وزير مراد علي شاهه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي آگاهي ڏيندو. ذريعن موجب صوبائي وزير سعيد غني کان تعليم کاتو واپس وٺي سردار شاهه کي ڏيڻ جا امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ناصر شاهه کان مڪاني کاتو واپس وٺي سعيد غني ۽ مُڪيش ڪمار چاولا کان پارلياماني معاملن جو قلمدان وٺي سعيد غني کي ملڻ جا امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي لاڏاڻي بعد ملير مان ئي چونڊيل ايم پي اي ساجد جوکيو کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.