سنڌ ڪابينا هوٽلن، ريسٽورنٽس، بيوٽي پارلر، هار سينگار ۽ صحت مرڪزن کي سيلز ٽئڪس ۾ رعايت ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،

ڪراچي :-  لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جي پگهارن وارو مسئلو حل ڪرڻ ۽ گهريلو ملازمن جي رجسٽريشن لاءِ ضابطن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران وزيرن، مشيرن، خصوصي معاونن چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي حوالي سان قانون کي بحث کانپوءِ منظور ڪيو ويو. ترميمي قانون تحت 10 ميمبرز تي ٻڌل صوبائي ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا گهريلو ملازمن جي حوالي سان ميپنگ ڪندي ۽ ورڪرز رجسٽريش ٿيندي. اُن کانسواءِ ڪابينا پروبيشن آف ايمپلائيز آف چلڊرين رولز 2018ع جي به منظوري ڏئي ڇڏي. رولز موجب قانون موجب هر پورهيت کي ٽن ڪلاڪن کانپوءِ وقفو ڏنو ويندو، جڏهن ته ملازم جي حوالي سان عمر جو سرٽيفڪيٽ به جاري ڪيو ويندو.
سنڌ ڪابينا موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965ع ۾ به ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن موجب هاني موٽر سائيڪلز ۾ ٽريڪرز لڳايا ويندا، اُن جو موقف موٽر سائيڪلز جي چوريءَ وارن ڏوهن کي روڪڻ آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت صوبي ۾ 44 لک بائيڪس آهن ۽ ٽريڪرز لڳائڻ وارو قانون پُراڻين توڙين نين موٽر سائيڪلز لاءِ هڪجهڙو هوندو. سنڌ ڪابينا اربن اٿارٽي قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کي سمورن شهرن جو ماسٽر پلان ٺاهڻ جو اختيار هوندو.
ڪابينا اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه لوڪل گورنمينٽ ملازمن جي پگهارن وارو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سمورو سسٽم ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي. لوڪل ڪائونسلز ۾ مٿئين سطح جي ملازمن جي پگهارن واري نظام جي به آڊٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته خصوصي ٽيمون جوڙي سمورين لوڪل ڪائونسلز جي ملازمن جي انگ اکر تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. سنڌ ڪابينا رولز جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪابينا خدمتن تي سيلز ٽئڪس گهٽائڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت صوبي ۾ هوٽلن، موٽلن، ڪلبز، ريسٽورنٽس، هيلٿ سينٽرز، ڪاسميٽڪس، پلاسٽڪ سرجري، فيشن ڊزائين، سلمنگ ڪلنڪس ۽ بيوٽي پارلرز لاءِ خدمتن تي سيلز ٽئڪس گهٽايو ويندو.