johns hopkins university mfa creative writing job opportunities after creative writing cover letter for technical writer with no experience creative writing personal stories aqa english gcse creative writing mark scheme critical thinking idea of ready reasoning creative writing on my family for grade 1 war horse creative writing how do you say do your homework in german phd in creative writing nyc homework doesn't help statistics is creative writing considered fine arts

سنڌ کان سنڌ جو دلبر ماڻهو ڌار: ليکڪ سميع بلوچ

27 ڊسمبر 1996 جي تاريخ سنڌ کان سنڌ جو دلبر ماڻهو ڌار ڪري ويو ڪي ڪي آواز اھڙي ڪشش رکندڙ ھوندا آھن جن جو پڙاڏو صدين تائين دلين جي وادين ۾ پيو گونجندو آھي. رحمٰن مغل سرمد سنڌي ھڪ اھڙوئي آواز ھو جنھن پنھنجي آواز سان سنڌ جي جنگ وڙھي نہ رڪيو نہ وڪيو نہ جھڪيو، ابراھيم منشيءٌ جي ھن شعر وانگر سرمد سنڌي موتيءَ داڻو ھيو:

جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو ھرڪو پنھنجي اگھہ اگھاڻو،

جيڪو ماڻھو ڪين وڪاڻو سوئي ماڻھو موتيء داڻو. (ابراھيم منشي)

سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ الله تعاليٰ اھڙي گونج پئدا ڪئي ھئي جيڪا سنڌ جي پڪار ٿي ماڻھن جي دلين ۾ پيھي وئي، مون پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون فنڪار ڏٺو جيڪو ٻار کان ويندي ٻڍڙي تائين سڀني جي پسند جو فنڪار رهيو، جيتوڻيڪ مان سندس ڳايل شيخ اياز جي ڪلام ”ڪنڊيءَ نہ سڱري ٻٻر نہ پلڙو ڇانگون نہ ڇيلڙا مارو اڪيلڙا” جي ڌن سان اختلاف رکندو ھيس تہ ان ۾ بک ڏک جي ڳالھہ آھي ۽ ڌن خوشيءَ واري آھي! پر سنڌجي ماڻھن جي زندہ دلي تہ ڏسو بک ڏک تي بہ نچندا ڪڏندا ٿا رھن!! مونکي وڌيڪ حيرانگي ان ڳالھہ تي ٿي جڏھن سرمد سنڌيءَ جي لاڏاڻي کانپوءِ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کان کان سرمد جي لاءِ سندس تاثرات وٺڻ وياسين تہ اياز چيو ” جڏھن سرمد سنڌي منھجي شاعري ڪنڊيءَ نہ سڱري ڳائيندو ھيو تہ منھنجي لونءِ لونءِ ڪانڊارجي ويندي ھئي.. اياز جا اھي تاثرات مون وٽ رڪارڊ ٿيل آھن. پھريون ڀيرو سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ مون جڏھن ٽي ڪلام پي ٽي وي تي رڪارڊ ڪيا ھڪ منھنجي شاعري (1) تنھجي ياد جي وري آ وير لڳي رھي آ ٿڌڙي ھير. ٻيو شيخ اياز جي شاعري (2) رات آئي وئي تون نہ آئين ڪھي. ۽ ٽيون ڪلام لوڪ گيت ھيو (3) لولي. جڏھن پي ٽي وي تان رحمٰن مغل جا اھي ٽيئي ڪلام آن ايئر ٿيا تہ سڄي سنڌ ۾ سندس نالو خوشبوءِ جيان ڦھلجي ويو، سنڌجي نوجوان قومي شاعر زاھد شيخ جا قومي گيت ڳائڻ جي ڪري ھن پنھنجو نالو سرمد سنڌي رکيو، زندگيءَ ۾ ڏاڍي تڪڙ ھوندي ھيس ھڪڙي ڏينھن ۾ ٽن چئن فنڪشنس ۾ بہ پرفارم ڪندو ھيو سندس حياتي ٿوري ھئي شايد انڪري ھو تڪڙ ڪندو ھو تہ الله پاران سونپيل ڪم جلد نبيري وٺي..

مون ڪڏھن بہ سرمد سنڌيءَ ۾ تڪبر غرور نہ ڏٺو نماڻائي سندس ھر ادا ھر انداز ۾ نظر ايندي ھئي ڪنھن بہ فنڪار سان ساڙ حسد ڪندي مون کيس نہ ڏٺو. مونکي چوندو ھيو تہ مان جيڪو ڪجھہ آھيان والدين جي دعا ۽ اوھانجي ڪري آھيان مان چوندو ھيو مانس تہ منھنجي ڪري نہ الله تنھنجي آواز ۾ اھڙي ڪشش پئدا ڪئي آھي جو سميع بلوچ نہ ھجي ھا ڪو ٻيو ھجي ھا پر سرمد سنڌيءَ کي ھڪ ڏينھن اچڻو ھو، بلڪہ سرمد سنڌيءَ منھنجي شاعري ” تنھنجي ياد جي وري آ وير ” ڳائي مونکي سنڌ ۾ مقبول ڪري ڇڏيو الله کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏيندو ذاتي زندگيءَ ۾ پنھنجي امڙ کي حج ڪرايائين پنھنجي ڀينرن کي پرڻايائين پاڻ پوءِ شادي ڪيائين. تتر جي تنوار کي ٻڌي موت ھڪ شڪاري جيان سندس پيڇو ڪري سرمد سنڌيءَ کي تہ شهادت جي ننڊ سمھاري ڇڏيو پر سرمد سنڌيءَ جو آواز صدين تائين پڙاڏو بڻجي دنيا جي وادين ۾ گونجندو رھندو. ڪجهہ بہ ھجي پر مونکي اھو اعزاز حاصل آھي تہ سرمد سنڌي کي مون متعارف ڪرايو ۽ پوءِ وري احمدمغل کي بہ مون ئي متعارف ڪرايو جنھن سنڌ جي لاءِ جنگ جاري رکي..