سنڌ پوليس جو ٻين صوبن وانگر پوليس ڪانسٽيبل جي اسڪيل کي اپگريڊ ڪرڻ جي لاءِ بلاول زرداري کان مطالبو

حيدرآباد: سنڌ پوليس جي فورس ۾ اسڪيل اپگريڊ ڇو نٿا ڪيا وڃن، پوليس ڪانسٽيبلز سان ٿيل بي واجبي جو نوٽيس پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول زرداري ڇو نٿو وٺي ، جڏهن ته ٻين صوبن جي فورس ۾ ڪانسٽيبل جو 7 اسڪيل آهي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل جو 9 اسڪيل پر سنڌ جي پوليس فورس سان پيپلزپارٽي ٻاهران يڪجهتي جو اظهار ته ڪري ڏيکاري پئي پر اندران پوليس فورس ۾ بيچيني واري لهر ڇانيل آهي جڏهن ته سنڌ پوليس جي اهلڪارن اهو پيپلزپارٽي جي چيئرمين کان مطالبو ڪيو آهي ته ٻين صوبن وانگر سنڌ پوليس ۾ اسڪيلز کي اپگريڊ ڪري ٻين صوبن وانگر برابر جا حق ڏنا وڃن