سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي ميمبر سائينداد سولنگي جي نياڻي سميت 35 اميدوارن کي سيڪشن آفيسرز سميت مختلف کاتن ۾ مقرر

ڪراچي:- سنڌ سرڪار ڪميشن پاس ڪندڙ 35 اميدوارن کي مختلف کاتن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو. چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه اميدوارن جي مقرري بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي ميمبر سائينداد سولنگي جي نياڻي سميت 35 اميدوارن کي سيڪشن آفيسرز سميت مختلف کاتن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي . سائينداد سولنگي جي نياڻي امائمه سولنگي کي آءِ ٽي کاتي ۾ سيڪشن آفيسر مقرر ڪيو ويو آھي. جڏهن ته17 گريڊ جي پي ايم ايس آفيسرن کي تعليم، سروسز ، معدني وسيلن ۽ ٻين کاتن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفيڪيشن موجب ڪمشين پاس ڪندڙ اميدوارن کي ٽرانسپورٽ، آبپاشي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ ايس اينڊ جي اي ڊي سميت ٻين کاتن ۾ سيڪشن آفيسر ۽ ٻين عهدن تي مقررڪيو ويو آهي