creative writing world description columbia university mfa creative writing traduction do your homework year 1 creative writing activities steps for writing an essay in the correct order from first to last best internships for creative writing majors outstanding creative writing lesson year 4 professional resume writing service cheap doing your homework traduccion republic day creative writing literature review on genome editing steps in creative writing process

سنڌ يونيورسٽي هاسٽل جي مک گيٽ تي مقرر ٿيل سيڪيورٽي عملو شاگردن سان بدتميزي ڪرڻ لڳو، شاگردن جو احتجاج

ڄامشورو:= سنڌ يونيورسٽي هاسٽلن جي مک گيٽ تي شاگرد اڳواڻ جي مهمان کي اندر نه ڇڏڻ تان شاگردن ۽ سيڪيورٽي عملي ۾ منهن ماري، ڇڪتاڻ، شاگردن جو مک گيٽ آڏو ڌرڻو، نعريبازي، سيڪيورٽي گارڊن خلاف ڪارروائي جو مطالبو. تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ هاسٽلن جي مک گيٽ تي هڪ شاگرد اڳواڻ سيڪيورٽي عملي کي سندس مهمان دوستن کي هاسٽل اندر ڇڏڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو, سيڪيورٽي عملي پاران ٺپ انڪار ڪرڻ تان شاگردن ۽ سيڪيورٽي عملي ۾ منهن ماري ٿي ۽ بعد سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي، ڪافي دير تائين ڇڪتاڻ جاري رهي ته سيڪيورٽي عملي پوليس ۽ رينجرز طلب ڪري ورتي, جنهن دوران شاگردن پنهنجي هم خيال ساٿي شاگردن کي هاسٽلن کان ٻاهر سڏي ورتو ۽ سخت نعريبازي ڪندي سيڪيورٽي عملي خلاف هاسٽل جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن زيب جتوئي، سجاد نوحاڻي، ارسلان آريسر، سڪندر ڀنگوار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي هاسٽلن جي مک گيٽ تي مقرر ٿيل سيڪيورٽي عملو مختلف بهانن سان شاگردن سان بدتميزي ڪندي حراسان ڪندو رهي ٿو، شڪايتن باوجود انتظاميا نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناهي.هنن مطالبو ڪيو ته شاگردن سان منهن ماري ۽ بدتميزي ڪندڙ سيڪيورٽي گارڊن کي فوري طور هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. سيڪيورٽي گارڊن موجب ڪنهن به شاگرد سان ڪا به بدتميزي نه ڪئي آهي، غير لاڳاپيل شاگردن کي هاسٽل اندر نه ڇڏڻ تان شاگردن مڇرجي ڌرڻو هنيو