سنڌ يونيورسٽي جَي وي سي جِي چارج سنڀالڻ وارو مامرو تڪرار جي ور چڙهي ويو

ڄامشورو :- سنڌ يونيورسٽي جَي وي سي جِي چارج سنڀالڻ وارو مامرو تڪرار جي ور چڙهي ويو، فتح محمد برفت طرفان جبري موڪل پوري ٿيڻ بعد ٻيهر چارج سنڀالڻ جي دعويٰ، وقتي وي سي صديق ڪلهوڙو چارج ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، فتح محمد برفت چيو آهي ته مون چارج سنڀالڻ بابت وقتي وي سي صديق ڪلهوڙو کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، اُن باوجود صديق ڪلهوڙو وي سي آفيس جون چاٻيون پاڻ سان گڏ کڻي هليو ويو، ڪئمپ آفيس مان يونيورسٽي جو وهنوار هلائي رهيو آهيان، وقتي وي سي صديق ڪلهوڙو جو چوڻ آهي ته وي سي آفيس مان معمول موجب ڪاروهنوار هلائي رهيو آهيان، مون کي فتح محمد برفت خلاف جاچ مڪمل ٿيڻ تائين چارج ڏني وئي آهي، جنهن اٿارٽي کيس هٽايو، اها ئي کيس بحال ڪري سگهي ٿي.