سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح محمد برفت کي هڪ مهيني لاءِ هٽائڻ بعد وقتي وي سي صديق ڪلهوڙو چارج سنڀالي ورتي

ڄامشورو :- سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح محمد برفت کي هڪ مهيني لاءِ هٽائڻ بعد وقتي وي سي صديق ڪلهوڙو چارج سنڀالي ورتي، وي سي آفيس کي تالا لڳل هئڻ سبب وقتي وي سي لاڙ ڪئمپس جي پي وي سي آفيس مان وهنوار هلائڻ لڳو، وقتي وي سي صديق ڪلهوڙو چيو آهي ته يونيورسٽي جي وهنوار کي قانون پٽاندڙ هلايو ويندو، بجيٽ جا مسئلا ضرور آهن پر قانون موجب شيون اڳتي کڻي هلڻ سان ايترا مسئلا پيدا نه ٿين ها، هٽايل وي سي فتح محمد برفت آفيس کي تالو هڻي هليو ويو، آئون يونيورسٽي جو ملازم آهيان ۽ ڪٿي به ويهي ڪاروهنوار هلائي سگهان ٿو.