سنڌ يونيورسٽي جي فنڊز ۾ مبينا گهوٻين واري ڪيس ۾ اڳوڻي وي سي فتح محمد برفت سوڌو 30 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 10 ڏينهن جي واڌ

حيدرآباد : سنڌ يونيورسٽي جي فنڊز ۾ مبينا گهوٻين واري ڪيس ۾ اڳوڻي وي سي فتح محمد برفت سوڌو 30 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 10 ڏينهن جي واڌ، حيدرآباد جي ائنٽي ڪرپشن ڪورٽ طرفان ڪيس جا تفصيل پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي 5 آڪٽوبر تي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم، ائنٽي ڪرپشن کاتي سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ۽ استادن سوڌو ٻين جوابدارن خلاف 71 ڪروڙ رُپين جي ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو هو