سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي پوائنٽ جي بس ڊرائيور مبينا هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

ڄامشورو:- سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي پوائنٽ بس جي ڊرائيور تي مبينا هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. متاثر شاگردياڻي اقراء شيخ ڊرائيور خلاف ڊائريڪٽر ٽرانسپورٽ وٽ درخواست داخل ڪرائي،جنهن هُن ٻڌايو ته هوءَ حيدرآباد جي بدين اسٽاپ واري علائقي ۾ رهندي آهي. يونيورسٽيءَ کان گهر ويندي يا وري گهر کان يونيورسٽي اچڻ وقت پوائنٽ بس جو ڊرائيور اختر پٺاڻ کيس هراسان ڪندو رهيو آهي.
شاگردياڻي جو چوڻ آهي ته پوائنٽ بس جي ڊرائيور جي اهڙي رويي کانپوءِ هوءَ ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي وئي آهي، ڪجهه عرصو اڳ يونيورسٽي انتظاميا کي شڪايت ڪئي پر ڪوبه ازالو نه ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڊرائيور کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هُن انڪشاف ڪيو آهي ته پوائنٽ بس جا ڊائيور نشو واپرائڻ کانپوءِ گاڏيون هلائيندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ حادثا پيش اچن ٿا.