سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جو هاسٽل فيس ۾ واڌ خلاف هاسٽل جي گيٽ آڏو ڌرڻو، هاسٽلن جي ري الاٽمينٽ جي فيس ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪئي وئي آهي

ڄامشورو : سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جو هاسٽل الاٽمينٽ فيسن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو، هاسٽل جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو. سنڌ يونيورسٽي ۾ هاسٽلن جي ري الاٽمينٽ جي فيسن ۾ واڌ خلاف شاگردن رات ڌاري مين هاسٽل گيٽ اڳيان احتجاج مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن دوران انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. شاگردن سجاد نوحاڻي، راشد زرداري ۽ ٻين چيو ته هاسٽلن جي ري الاٽمينٽ جي فيس ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا غريب شاگرد برداشت نه ٿا ڪري سگهن، فوري طور فيس گهٽائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.